17/01/2015
حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام جن جا فرمان
امام حسن عسڪري عليه السلام جن فرمايو:
(1) ادب جو بلند مرتبو اهو آهي ته جيڪي (بري) عادت ٻين ۾ پسند نه ٿو
ڪرين پاڻ به ان کان دوري ڪرين (مسند الامام العسکري، ص288)
(2) الله سائين تائين پهچڻ وارو رستو تيسيتائين هٿ نه ايندو جيسيتائين(اڌ)
رات جو اٿي عبادت نه ڪجي (مسند الامام العسڪري،
ص290)
(3) نوڙت اهڙي نعمت آهي جنهن (نعمت) تي ڪير به حسد نه ڪندو آهي (تحف
العقول، ص489)
(4) ڏکايل سامهون خوشيءَ جو اظهار، بي ادبي آهي ( تحف العقول، ص489)
(5) هڪ مومن، ٻئي مومن لاءِ برڪت هوندو ۽ ڪافر لاءِ اتمام حجت آهي
( تحف العقول، ص489)
هڪ جهڙيون تحريرون:
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: