13/07/2014
نهج البلاغه پهرين حڪمت
ترجمو: پُر فتن دؤر ۾ اٺ
جي ان ٻچڙي وانگر ٿي رهه جنهن جي نه پٺي آهي جو سواري ڪري سگھجي ۽ نه ٿڻ جنهن مان
کير ڏهي سگھجي.
مختصر وضاحت
لبون کير ڏيڻ واري ڏاچي کي
چوندا آهن ۽ ابن لبون ان ڏاچي جي نر ڦَر کي چوندا آهن جيڪو پنهنجي عمر جا 2 سال
ختم ڪري ٽئي سال ۾ داخل هجي جيڪو ان عمر ۾ نه سواري جي قابل هوندو آهي ۽ نه وري ان
جا ٿڻ هوندا آهن جن مان کير ڏهي سگھجي.
يعني اهو اٺ ايترو ته
ڪمزور هوندو آهي جو ان تي سواري به نه ٿي ڪري سگھجي ۽ سامان وغيره به نٿوکڻي سگھجي
۽ نه وري ٿڻ هوندا اٿس جو ان مان کير ڏهي سگھجي ڇو جو هو نر اٺ هوندو آهي نه ڪي
ماده اٺ (ڏاچي) جو ان جي کير مان استفادو ڪري سگھجي.
هن ڦر کي ابن لبون ان
لاءِ چيو ٿو وڃي جو هنن ٻن سالن جي دوران ان جي ماءُ عموما ٻيو ڦر پيدا ڪري کير
ڏيڻ شروع ڪندي آهي.
فتني مان مراد
هتي فتني مان مراد هر شر ۽ فساد
آهي. مقصد هي ته انسان کي فتني ۽ فساد جي موقعي تي اهڙي ريت زندگي گذارڻ گھرجي جو
ماڻهون کيس بيڪارو سمجھي نه ليکِن ۽ ڪنهن به ٽولي ۾ ان کي ڀاڱيوار ڪرڻ جي ضرورت
محسوس نه ڪن ڇو جو فتنن ۽ جهيڙن ۾ بي تعلق رهڻ ئي بربادين کان بچائي سگھي ٿو.
فتني جا ڏينهن ٻن گمراه حاڪمن جي
درميان جنگ ۽ جهڳڻي وارا ڏينهن آهن جهڙوڪ: عبدالملڪ ۽ ابن زبير جو فتنو، مروان ۽
ضحاڪ جو فتنو، حجاج ۽ ابن اشعث جو فتنو وغيره.
ها مگر جتي ٽڪراؤ حق ۽ باطل جو هجي
ٻنهي حاڪمن مان هڪ حق تي ٻيو باطل تي هجي اتي بي تعلق رهڻ جائز ناهي ۽ هن کي فتني
۽ فساد سان تعبير به نٿو ڪري سگھجي جهڙوڪ: جنگ جمل ، صفين ۽ هنن جهڙيون ٻيون
جنگون. بلڪي اهڙن موقعن تي حق جي پٺ ڀرائي ۽ باطل جي نيستي لاءِ کڙو ٿيڻ واجب آهي،
حق وارن سان گڏجي جهاد ڪرڻ، نهي عن المنڪر ڪرڻ، پنهنجي جان دين جي اعزاز ۾ قربان ڪرڻ ۽ حق جو اظهار ڪرڻ واجب آهي.
هڪ جهڙيون تحريرون:
نهج البلاغه
سبسڪرائب ڪريو
منهنجو بلاگ (RSS)
0 تبصرا: