Ad 468 X 60

12/07/2014

يادداشت ۽ ويسرالله سائين جون ٻه عظيم نعمتون


انسان جي ذهن ۾ يادداشت ۽ ويسر ٻه عظيم نعمتون آهن جيڪي الله سائين انسان کي عطا ڪيون آهن. اگر هي ٻه نعمتون انسان وٽ نه هجن ها ته انسان جي لاءِ زندگي گذارڻ ڏاڍو مشڪل ٿي وڃي ها.


اوهان سوچيندا هوندؤ ته يادداشت الله سائين جي نعمت هجي ٿي سگھي ٿي جنهن جي هر انسان به پاڻ ۾ ضرورت محسوس ڪري ٿو ليڪن ويسر جيڪو هڪ مرض سمجھو وڃي ٿو ڪيئن ٿو الله سائين جي نعمت ٿي سگھي؟ ها ويسر به الله سائين جي هڪ نعمت آهي اگر عظيم نعمت چوان ته به غلط نه ٿيندو بلڪه حق به اهيو ئي آهي ته عظيم نعمت چيو وڃي الله سائين جي ڪابه نعمت عظيم جي درجي کان گھٽ ناهي.

اگرچه ويسر ۾ تمام گھڻيون مشڪلون آهن ڇو جو اهڙو انسان جنهن جو حافظو بلڪل نه هجي سڀني شين کي ويساري ڇڏيندو آهي انهن کي به جنهن کي ڏسندو ، ٻڌندو يا چوندو آهي.

ڪوشش جي باوجود ڪا به شي ان جي ذهن ۾ نه ايندي آهي ۽ انهن ماڻهن کي به نه سڃاڻي سگھندو آهي جن هن سان چـڱايون ڪيو يا برائيون ڪيون. ڪهڙي شي ان لاءِ فائدي مند آهي ۽ ڪهڙي نقصانڪار ان کي ڪجھ به ياد ناهي ايندو.

اڪثر اوقات ويسر انسان لاءِ تمام سخت آهي يقينا اوهان ٻڌو هوندو ته ڪجھ ماڻهون ڪنهن حادثه ۾ پنهنجي حافظي کي وڃائي ويهندا آهن پنهنجي گذاريل زندگي به ياد نه ايندي اٿن پنهنجي قريبي دوستن کي به ناهن سڃاڙيندا ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو نالو به ياد نه ايندو اٿن.

ليڪن اهيا ئي ويسر جيڪا انسان لاءِ تمام سخت آهي انسان لاءِ هڪ وڏي نعمت به آهي مثلا ان وقت جڏهن ڪنهن انسان تي وڏي مصيبت اچي ٿي جهڙوڪ: پيءُ جو دنيا کان لاڏاڻو ڪري وڃن، ماءُ جو گذاري وڃڻ يا قريبي رشتي ( گھر واري) جو گذاري وڃڻ وغيره.. هي اهڙيون مصيبتون آهن اگر هميشه انسان کي ياد اچن ۽ اهي به اهڙي انداز ۾ جيئن اڄ ئي ان سان هي حادثو پيش آيو آهي ته انسان جي پوري زندگي ڏک، تڪليف ۽  پريشاني ۾ گذرندي جيڪا انسان جي برداشت کان ٻاهر آهي.

بس الله سائين جيڪو وڏو مهربان آهي انسان کي اهڙي انداز ۾ خلق ڪيو اٿئين جو جيڪي شيون انسان لاءِ اهم آهن اهي انسان کي ياد رهجي وڃن ٿيون ۽ جيڪي شيون انسان لاءِ اهم ناهن يا انسان لاءِ ڏک ۽ پريشاني آڻڻ واريون آهن اهي آهسته آهسته انسان جي ذهن کان نڪري وڃن ٿيون.

خدا ڪيڏو نه مهربان آهي هو پنهنجي ٻانهي کي ڏک، تڪليف ۽ پريشاني ۾ نه ٿو ڏسڻ چاهي ليڪن هي انسان اهڙا ڪم ٿو ڪري جو پنهنجي لاءِ پاڻ پريشانيون گڏ ٿو ڪري پنهنجي هٿان ئي پاڻ کي مصيبت ۾ گرفتار ٿو ڪري!!!!

انسان غور ته ڪر توکي ڇا ڇا نه خدا عطا ڪيو آهي پوءِ اُنهيءَ خدا جي نافرماني؟ انسان توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪاڏي پيو وڃي؟ خداوند توکي ڪٿي ٿو ڏسڻ چاهي ۽ تون ڪٿي آهين ڪهڙي راه ڏانهن پيو وڃي!!!!

ماه مبارڪ رمضان آهي اي انسان اچ الله سائين جي بارگاه ۾ واعدو ڪر ۽ ان مالڪ حقيقي ڏانهن هڪ مرتبو نگاه ته ڪري ڏس توکي ڇاڇا نه بڻائي ڇڏيندو تون حقير هوندين مان وارو ٿي ويندي ، فقير هوندين غني ٿي ويندي، گمنام هوندين مشهور ٿي ويندين ذليل هوندين عزيز ٿي ويندين.

اي انسان!! تون پوري دنيا کي ڇڏي اگر فقط پاڻ ۾ ئي نگاه ڪندين پنهنجي هر هڪ عضو ۾ خدا جي نشاني کي پائيندين جيڪا تو کي خدا ياد ڏياريندي.

اي انسان!!! پنهنجي دل ۾ خدا کي تلاش ڪر.....


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: