Ad 468 X 60

19/01/2015

محسن اسلام حضرت ابو طالب عليه السلام تاريخ جي آئيني ۾


حصو ٻيون
يتيمِ عبدالله صلي الله عليه وآله وسلم جي پرورش ۽ تربيت:
انهن سڀني خوبين ۽ ڀلاين کان علاوه نسبي ۽ خانداني بلندي جي حوالي سان ۽ رسولِ خدا صلي الله عليه و آله وسلم جي تربيت ۽ اسلام جي قابل قدر خدمتن جي اعتبار سان به حضرت ابو طالب عليه السلام جي عظمت ثابت آهي.

پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه و آله وسلم ننڍ پڻ جي عمر مبارڪ حضرت ابوطالب عليه السلام جي زيرِ نگراني بسر ڪئي ۽ پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه و آله وسلم جي عمر مبارڪ جو گهڻو حصو حضرت ابو طالب عليه السلام جي زير سايه ئي گذريو آهي، پالڻهار جيڪي احسانات اسان جي پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم تي ڪيا آهن اُنهن احسانن منجهان خاص ڪري هن احسان (پرورش حضرت ابو طالب عليه السلام) جو تذڪرو ڪندي فرمائي ٿو {اَلَمۡ يَجِدۡکَ يتيماً فَاٰوٰي} ڇا اُن (ابو طالب عليه السلام) توکي يتيم سمجهي ڪري پناهه نه ڏني؟( سوره ضحيٰ، آيت 6)
قرآن جي (شيعه سني) مفسرن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته مٿئين آيت ۾ پناهه مان مراد حضرت ابوطالب عليه السلام جو پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم سان لطف ۽ شفقت ڀريو ورتاءُ آهي.
الغرض ته حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي والد بزرگوار جي وصيت مطابق پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه و آله وسلم کي پنهنجي تربيت جي جهولي ۾ کنيو ۽ اهي تمام فرض نڀايا جيڪي هڪ پرورش ڪرڻ واري جا هوندا آهن ۽ اهڙي  ريت محبت سان تربيت ڪئي جو هر تاريخ لکڻ واري جو قلم لکڻ تي مجبور ۽ لاچار ٿي ويو.
وڏو تاريخ دان ابن سعد لکي ٿو ته: حضرت ابو طالب عليه السلام رسولِ خدا صلي الله عليه و آله وسلم سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا ۽ پنهنجي اولاد کان وڌيڪ ساڻن پيار ڪندا هئا پنهنجي ڀر ۾ سمهاريندا هئا ۽ جڏهن به ڪيڏانهن ٻاهر ويندا هئا ته کين ساڻ وٺي ويندا هئا ( طبقات ابن سعد ج 1 ص 119)
ڪراماتِ محمّدي ۽ حضرت ابو طالب عليه السلام :
حضرت ابوطالب عليه السلام ڪراماتِ محمّدي ۾ جن ڪرامتن جو مشاهدو ڪندا هئا اُهي هي آهن:
 (1) جڏهن پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم دسترخوان تي موجود هوندا هئا ته کاڌو چاهي ڪيترو ئي گهٽ ڇو نه هوندو هئو سڀ جا سڀ ڀاتي پيٽ ڀري کائيندا هئا پوءِ به کاڌو بچي پوندو هئو ان لاءِ حضرت ابوطالب عليه السلام پنهنجي زندگي جو هي معمول بڻائي ڇڏيو هو ته جيسيتائين پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم دسترخوان تي تشريف کڻي نه ايندا هئا اُن وقت تائين ڪوبه کاڌو نه کائيندو هئو.
 (2) حضرت ابوطالب عليه السلام هڪ ڀيري پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ ڪاڏي وڃي رهيا هئا جڏهن عرفه جي مقام کان ٽي ميل جي فاصلي تي ذي المجاز جي مقام تي پهتا ته کين پاڻي جي طلب محسوس ٿي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کي چيائون ته هتي آس پاس ڪٿي پاڻي ملي سگهي ٿو؟ پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم جن پنهنجي سواري ناقه (ڏاچي) تان لٿا ۽ هڪ پٿر کي پير هنيائون ته اُتان پاڻي جو چشمو وهڻ لڳو پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: چاچا هتان جي پاڻي سان سيراب ٿيو جڏهن حضرت ابوطالب عليه السلام سيراب ٿي ويا ته پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم وري ان جاءِ تي پنهنجو مبارڪ پير هنيو جنهن سان چشمو خشڪ ٿي ويو، حضرت ابو طالب عليه السلام انهن ڪرامتن ۽ خير و برڪت جي آثار کي ڏسي ڪري پاڪ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي ذاتِ مقدس کي پنهنجي دعائن جو وسيلو قرار ڏيندا هئا ۽ پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي توسل سان الله سائين جي بارگاهه مان پنهنجي حاجت طلب ڪندا هئا.
(3) بارش نه ٿيڻ سبب هڪ ڀيري مڪي ۾ تمام وڏو ڏڪار پئجي ويو. ماڻهو خشڪ سالي سبب تمام گھڻا پريشان ۽ لاچار ٿي ويا، (ان زماني جي وڏن بتن) لات، منات ۽ عزيٰ جي اڳيان پڪار ڪرڻ جو سوچيائون ليڪن اُنهن جي هڪ بزرگ چيو: ڪٿي ڀٽڪي رهيا آهيو جڏهن ته توهان جي وچ ۾  حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ ان جي فرزند حضرت اسماعيل عليه اسلام جي يادگار موجود آهي (تاريخِ اسلام ذهبي، ص 36)
ماڻهن چيو: ڇا هن مان اوهان جي مراد حضرت ابوطالب عليه السلام آهن؟ ان بزرگوار چيو جي ها. جيئن ئي ماڻهن اهو ٻڌو سڀ جا سڀ گڏ ٿي حضرت ابو طالب عليه السلام جي گهر ڏانهن آيا ۽ پنهنجون حاجتون بيان ڪيائون حضرت ابوطالب عليه السلام رحمت سان ڀريل هٿ بارگاه عاليه ۾ بلند ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر تشريف کڻي آيا پوءِ خانه ڪعبه جو رخ ڪيائون اتي پهچي ڪري رڪن سان ٽيڪ لڳائي ويهي رهيا ۽ رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي پنهنجي جھولي ۾ ويهاريائون ۽ پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي اڱر مبارڪ کي آسمان جي طرف بلند ڪري دعا گھريائون. بارش جا ڪي به آثار موجود نه هئا ليڪن ڏسندي ڏسندي تيز هوائون اچڻ لڳيون، رحمت جا بادل جهومڻ لڳا ۽ قحط جي شدت سان سڪل مڪي جي زمين سيراب ٿي وئي ۽ سڪل وڻن ٽڻن ۾ برسات جي ڪارڻ بهار اچي وئي ۽ هر طرف خوش حالي ۽ هر زمين سرسبز ٿي وئي، حضرت ابو طالب عليه السلام اُن موقعي تي عقيدت جي جوش ۾ اچي ڪري رسولِ خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ هڪ قصيدو چيو جيڪو سؤ 100 شعرن کان وڌيڪ تي مشتمل هئو انهن شعرن ۾ حضرت ابوطالب عليه السلام فرمايو: ڇا شان آهي ان نورِ مجسم جو جنهن جي نور جي برڪت سان ڪرم جا بادل وسڪار ڪن.
جيڪو يتيمن جي اميد آهي ۽ بيوه عورتن جي لاءِ پناه جي جاءِ ۽ هلاڪ ٿيڻ وارا جنهن جي رحمت جي دامن سان چنبڙي ڪري نجات پائي ڪري الله سائين جي فضل جا مرڪز ٿي ٿا وڃن.
حضرت ابوطالب عليه السلام جي اولاد:      
ابن قتيبه جو چوڻ آهي ته حضرت ابوطالب عليه السلام جا چار فرزند هئا طالب، عقيل ،جعفر، حضرت علي عليه السلام

۽ ديار بڪري جو چوڻ آهي ته انهن پٽن کان علاوه حضرت ابوطالب عليه السلام جون ٽي ڌيئر به هيون ربطه، جمانه، فاخته (امِّ هاني)

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: