Ad 468 X 60

24/11/2017

حضرت امام حسين عليه السلام جي شخصيت زيارت ناحيه مقدسه جي روشني ۾

تحرير: ساجد علي سبحاني (چانڊيو)
زيارت ناحيه اصل ۾ سلامن ۽ عقيدت جي اظهار جو اهو تحفو آهي جنهن کي حضرت صاحب الامر عج الله فرجه الشريف پنهنجي مظلوم ڏاڏي آل عبا جي پنجين شخصيت، حضرت سيد الشهداءَ عليه السلام جي مبارڪ بارگاھ ۾ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ امام حسين عليه السلام جو تعارف، شخصيت، عظمت، عبادي سيرت، جهادي سيرت ۽ سندن اهي فضيلتون جيڪي امام عليه السلام سان مخصوص آهن  بيان ڪيون اٿن.

هن زيارت جي سنَد ۾ ڪو به شڪ نه آهي. ضمانت لاءِ شايد ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هن زيارت ۾ جيڪي لفظ ۽ جملا آيا آهن اهي کلمت الله الباقيه جا ڪلمات آهن.
امام حسين عليه السلام جو تعارف
امام مهدي عج الله فرجه الشريف، امام حسين عليه السلام جي تعارف ۾ اها ئي روش اپنائي آهي جيڪا قرآن ڪريم، امام حسين عليه السلام جي تعارف لاءِ اپنائي آهي.
قرآن ڪريم امام حسين عليه السلام کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن جو پٽ ڪوٺي ٿو آيه مباهله:
) فَمَنْ حَاجَّكَ فِيهِ مِنْ بَعْدِ مَا جَاءَكَ مِنَ الْعِلْمِ فَقُلْ تَعَالَوْا نَدْعُ أَبْنَاءَنَا وَأَبْنَاءَكُمْ وَنِسَاءَنَا وَنِسَاءَكُمْ وَأَنْفُسَنَا وَأَنْفُسَكُمْ ثُمَّ نَبْتَهِلْ فَنَجْعَلْ لَعْنَتَ اللَّهِ عَلَى الْكَاذِبِينَ ((1)
فريقين ( شيعه ۽ سني ) علماءَ متفق آهن ته هن آيت ۾ ابنائنا مان مراد حسنين ڪريمين عليهما السلام آهن جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم نجران جي عيسائين سان مباهلي جو اعلان ڪيو ۽ اهو فرمايو ته اسان پنهنجي پٽن کي وٺي ايندا سين اوهان پنهنجي پٽن کي وٺي اچجو، تاريخ گواھ آهي ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم حسنين عليهما السلام کي پنهنجو پٽ بڻائي مباهلي لاءِ وٺي ويا. امام زمانه عج الله فرجه الشريف به مولا حسين عليه السلام جو تعارف ڪرائيندي سڀ کان پهريان ان کي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جو فرزند ڪوٺين ٿا ۽ سلام ڪندي فرمائن ٿا:
) أَلسَّلامُ عَلَى ابْنِ خاتَمِ الاَ نْبِیآء (
الله سائين جي آخري پيغمبر جي پٽ تي سلام.
هتي هڪ جالب نڪتو هي به آهي ته مولا عج  الله فرجه الشريف پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جو اسم مبارڪ ناهي کنيو بلڪ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي هڪ اهڙي صفت بيان ڪئي آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم الله سائين جا آخري نبي آهن ۽ جيڪو دين کڻي آيا آهن اهو دين به آخري دين آهي جيڪو قيامت تائين باقي رهندو ۽ هي دين سڀني دينن کي باطل ڪري ٿو ۽ اهو پيغام ڏئي ٿو ته تمام دينن جا پيروڪار پنهنجي دينن کي ڇڏي ڪري هن دين کي قبول ڪن ڇو جو هي دين اهڙو دين آهي جيڪو الله سائين جو پسنديدھ دين آهي.
) إِنَّ الدِّينَ عِنْدَ اللَّهِ الْإِسْلام‏ (
الله سائين وٽ پسنديدھ دين اسلام آهي.(2) امام حسين عليه السلام پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جا فرزند آهن پوءِ اها ئي ذميداري جيڪا پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪلهن تي هئي مولا حسين عليه السلام جي ڪلهن تي به آهي ۽ ان ذميداري کي مولا،  ڪربلا جي ميدان ۾ سهڻي نموني سان ادا ڪيو، مولا جي ڪٽيل سر نيزي تي قرآن پڙهي هي ثابت ڪيو ته قرآن ۽ ان جا تمام پيغام برحق آهن جنهن جي بقا خاطر مان هي قرباني پيش ڪئي. امام عج الله فرجه الشريف مولا عليه السلام جو تعارف ڪرائيندي اڳتي فرمائن ٿا:
) أَلسَّلامُ عَلَى ابْنِ سَیِّدِ الاَوْصِیآءِ(،
 (نبين جي) وصين جي سردار جي پٽ تي سلام. مولا حسين عليه السلام ان هستي جا فرزند آهن جيڪا سڀني وصين جي سردار آهي ۽ جنهن کي قرآن ڪريم پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جو نفس قرار ڏنو آهي(3) ان هستي جا فرزند آهن جنهن سڀني کان پهريان دين اسلام ۽ ان جي پرچار ڪرڻ واري جي تصديق ڪئي. قرآن ڪريم گواهه آهي ته جڏهن ڪافرن پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم جي رسول هجڻ جو انڪار ڪيو ته الله سائين ۽ حضرت علي عليه السلام سندن تصديق ڪئي.
)ويقول الذين كفروا لست مرسلا قل كفى باللّه شهيدا بينى و بينكم و من عنده علم الكتاب(
ترجمو: جن ڪفر ڪيو اهي چون ٿا ته تون رسول ناهين انهن کي چئي ڏئي ته منهنجي شاهدي لاءِ الله سائين ۽ جنهن وٽ پوري ڪتاب جو علم آهي ڪافي آهي.
) أَلسَّلامُ عَلَى ابْنِ فاطِمَهَ الزَّهْرآء(
سلام هجي فاطمه زهرا (سلام الله عليها) جي فرزند تي. هي اهڙي هستي آهي جيڪا سڀني جهانن جي عورتن جي سردا ر آهي. اگر امام حسين عليه السلام جو پيءَ وصين جو سردار آهي ته ان جي ماءَ به تمام جهان جي عورتن جي سردار آهي ۽ پاڻ حضرت امام حسين عليه السلام جنت جي جوانن جو سردار آهي. مولا عليه السلام جو پورو خاندان سردار آهي
) أَلسَّلامُ عَلَى ابْنِ خَدیجَهَ الْکُبْرى( خديجه ڪبري (سلام الله عليها) جي فرزند تي سلام. سائڻ خديجه سلام الله عليها ڪا عام هستي ناهي هي اها هستي آهي جنهن عورتن منجهان سڀ کان پهريان دين اسلام ۽ ان جي پرچار ڪرڻ واري جي تصديق ڪئي ۽ پنهنجو سمورو مال دين اسلام جي راھ ۾  خرچ ڪري ڇڏيو.
امام حسين عليه السلام جي شخصيت ۽ عظمت
مولا مهدي عج الله فرجه الشريف امام حسين عليه السلام جي شخصيت ۽ عظمت کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
) وَفِىَّ الذِّمَـمِ ، رَضِىَّ الشِّیَمِ ، ظاهِرَ الْکَرَمِ ، مُتَهَجِّداً فِى الظُّلَمِ، قَویمَ الطَّرآئِقِ ، کَریمَ الْخَلائِقِ ، عَظیمَ السَّوابِقِ ، شَریفَ النَّسَبِ ، مُنیفَ الْحَسَبِ رَفیعَ الرُّتَبِ ، کَثیرَ الْمَناقِبِ ، مَحْمُودَ الضَّرآئِبِ ،جَزیلَ الْمَواهِبِ ، حَلیمٌ رَشیدٌ مُنیبٌ ، جَوادٌ عَلیمٌ شَدیدٌ ، إِمامٌ شَهیدٌ، أَوّاهٌ مُنیبٌ ، حَبیبٌ مَهیبٌ (
ذميدارين کي پورو ڪرڻ وارو، بهترين صفتن جو حامل، سخاوت ۽ ڪرم ۾ مشهور، رات جي اونداهين ۾ تهجد گزار، مضبوط رستن کي اختيار ڪرڻ وارو، خدا جي مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبين جو مالڪ، عظيم ماضي جو حامل، اعلي حسب ۽ نسب رکڻ وارو، بلند مرتبن ۽ بي پناھ فضائل جو مرڪز، پسنديدھ نموني عمل جي خالق مثالي زندگي گزارڻ وارو، با وقار، بردبار، دريا دل، عقلمند ۽ ڏسڻ وارو، صاحب عزم ۽ جزم، شهيدن جو رهبر، بارگاھ خدا ۾ روئڻ وارو، پسنديدھ ۽ هيبت رکڻ وارو.
)کُنْتَ لِلرَّسُولِ صَلَّى اللهُ عَلَیْهِ وَ الِهِ وَلَداً ، وَ لِلْقُرْءانِ سَنَداً(
تون پيغمبر (صلي الله عليه وآله وسلم ) لاءِ پٽ ۽ قرآن لاءِ پشت پناھ هئين.
) وَ لِلاُ مَّهِ  عَضُداً ، وَ فِى الطّاعَهِ مُجْتَهِداً،(
پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي امت جو مددگار، الله سائين جي فرمانبرداري ۾ محنت ڪش
) حافِظاً لِلْعَهْدِ وَالْمیثاقِ ، ناکِباً عَنْ سُبُلِ الْفُسّاقِ (
واعدي ۽ ميثاق جو پابند، فاسقن جي رستن کان دوري ڪرڻ وارو
) باذِلاً لِلْمَجْهُودِ (
مقصد جي حصول لاءِ ڪوشان.
)زاهِداً فِى الدُّنْیا زُهْدَ الرّاحِلِ عَنْها ، ناظِراً إِلَیْها بِعَیْنِ الْمُسْتَوْحِشینَ مِنْها ، امالُک َ عَنْها مَکْفُوفَهٌ ، وَ هِمَّتُک َ عَنْ زینَتِها مَصْرُوفَهٌ ، وَ أَلْحاظُک َ عَنْ بَهْجَتِها مَطْرُوفَهٌ ، وَ رَغْبَتُک َ فِى الاْخِرَهِ  مَعْرُوفَهٌ (
مولا ! اوهان دنيا کان بي پرواهه ٿي ائين رخ موڙيو جيئن دنيا کان هميشه لاءِ هجرت ڪرڻ وارا ڪندا آهن، دنيا کان خوف کائڻ وارا ان کي ڏسندا آهن، اوهان جون تمنائون دنيا کان هٽل هيون، اوهان جي همت ۽ ڪوشش ان جي زينتن کان بي نياز هئي ۽ اوهان ته دنيا ڏانهن ڪڏهن منهن ورائي به نه ڏٺو، البته آخرت ۾ اوهان جي دلبستگي مشهور آهي.
پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت علي عليه السلام جي سيرت کي زندھ ڪرڻ
امام عج الله فرجه الشريف جي نظر ۾ امام حسين عليه السلام جي سيرت اها ئي سيرت آهي جيڪا پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت علي عليه السلام جي سيرت هئي، امام حسين عليه السلام حقيقت ۾ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت علي عليه السلام جي سيرت کي زندھ ڪرڻ وارا آهن. امام عج الله فرجه الشريف فرمائن ٿا
)وَ کُنْتَ للهِ طآئِعاً ، وَ لِجَدِّک َ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَیْهِ وَ الِهِ تابِعاً وَ لِقَوْلِ أَبـیک َ سامِعاً ، وَ إِلى وَصِیَّهِ أَخیک َ مُسارِعاً(
۽ تون الله سائين جو فرمانبردار ۽ پنهنجي ناني محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) جي اتباع ۽ پيروي ڪندڙ ۽ پنهنجي بابا علي (عليه السلام) جي قول کي ٻڌندڙ ۽ ان تي عمل ڪندڙ ۽ پنهنجي ڀاء حسن (عليه السلام) جي وصيتن کي پورو ڪندڙ هوئين.
) وَ لِعِمادِ الدّینِ رافِعاً ، وَ لِلطُّغْیانِ قامِعاً ، وَ لِلطُّغاهِ مُقـارِعاً  وَ لِلاُ مَّهِ ناصِحاً ، وَ فی غَمَراتِ الْمَوْتِ سابِحاً ( دين جي ستون کي بلند ڪندڙ، بغاوتن کي نيست و نابود ڪندڙ ، سرڪش ۽ باغين کي نابود ڪندڙ، هميشه امت جي اصلاح ڪندڙ، موت جي سختين تي صبر ۽ تحمل ڪندڙ ۽ بردباري سان انهن کي برداشت ڪندڙ.
)کُنْتَ رَبیعَ الاْیْتامِ(
اوهين يتيمن جا سرپرست ۽ انهن جي دلين جي بهار هيو.
) وَ عِصْمَهَ الاَ نامِ ، وَ عِزَّ الاِسْلامِ ، وَ مَعْدِنَ الاَحْکامِ وَ حَلیفَ الاْنْعامِ، سالِکاً طَرآئِقَ جَدِّک َ وَ أَبیک َ، مُشْبِهاً فِى الْوَصِیَّهِ لاَخیـکَ(
خدا جي مخلوق جي بهترين پناھ گاھ ، اسلام جي عزت ۽ الهي حڪمن جي کاڻ، نيڪي ۽ احسان جا هم پيمان، پنهنجي ناني ۽ والد ماجد جي واٽ تي هلڻ وارا، وصيت ۽ نصيحت ۾ پنهنجي ڀاء وانگر هيو.
امام حسين عليه السلام جي عبادي سيرت
امام عج الله فرجه الشريف امام حسين عليه السلام جي عبادي سيرت کي بيان ڪندي فرمائن ٿا:
) أَشْهَدُ أَ نَّک َ قَدْ أَقَمْتَ الصَّلوهَ ، وَ اتَیْتَ الزَّکوهَ (
مان گواهي ڏيان ٿو ته اوهان نماز قائم ڪئي، زڪوات ادا ڪئي.
)وَ أَمَرْتَ بِالْمَعْرُوفِ، وَ نَهَیْتَ عَنِ الْمُنْکَرِ وَ الْعُدْوانِ(
نيڪي جو حڪم ڏنؤ ۽ برائي کان روڪيؤ
) وَ أَطَعْتَ اللهَ وَ ما عَصَیْتَهُ (
دل ۽ جان سان الله جي فرمانبرداري ڪيؤ ۽ هڪ لمحي لاءِ به انجي نافرماني نه ڪيؤ.
) وَ تَمَسَّکْتَ بِهِ وَ بِحَبْلِهِ فَأَرْضَیْتَهُ(
الله سائين ۽ ان جي مضبوط رسي سان ائين تمسڪ ڪيؤ جو ان جي رضا حاصل ڪري ورتؤ. ) يا أَيَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ ارْجِعي‏ إِلى‏ رَبِّكِ راضِيَةً مَرْضِيَّةً فَادْخُلي‏ في‏ عِبادي وَ ادْخُلي‏ جَنَّتي‏( (4)
) وَ خَشیتَهُ وَ راقَبْتَهُ وَ اسْتَجَبْتَهُ (
۽ هميشه ان جي احڪامن جي نگهباني ۽ پاسداري ڪندا رهيؤ  ۽ انجي سڏ تي لبيڪ چيؤ.
) وَ سَنَنْتَ السُّنَنَ ، وَ أَطْفَأْتَ الْفِتَنَ (
الله سائين جي سنتن کي قائم ڪيؤ، فتنن جي باهه کي وسايؤ
) وَ دَعَوْتَ إِلَى الرَّشادِ ، وَ أَوْضَحْتَ سُبُلَ السَّدادِ (
ماڻهن کي حق ۽ هدايت جو رستو ڏيکاريؤ
)... مُتَهَجِّداً فِى الظُّلَمِ(
رات جي اونداهين ۾ تهجد گزار،
) طَویلَ الرُّکُوعِ وَ السُّجُودِ (
وڏا رڪوع ۽ سجدا ڪرڻ وارا هيو
امام حسين عليه السلام جي جهادي سيرت
امام زمانه عج الله فرجه الشريف ، امام حسين عليه السلام ڇو جهاد لاءِ آمادھ ٿيا بيان ڪندي فرمائن ٿا:
).. حَتّـى إِذَا الْجَوْرُ مَدَّ باعَهُ ، وَ أَسْفَرَ الظُّلْمُ قِناعَهُ، وَ دَعَا الْغَىُّ أَتْباعَهُ ، وَ أَنْتَ فی حَرَمِ جَدِّک َ  قاطِنٌ ، وَ لِلظّـالِمینَ مُبایِنٌ ، جَلیسُ الْبَیْتِ وَ الْمِحْـرابِ ، مُعْتَزِلٌ عَنِ اللَّـذّاتِ وَ الشَّـهَواتِ ، تُنْکِـرُ الْمُنْکَـرَ بِقَلْبِـک وَلِسانِک، عَلى حَسَبِ طاقَتِـک وَ إِمْکانِـک(
ايستائين جو اهو وقت آيو جڏهن جور ۽ ستم وڏا وڏا قدم کڻي سرڪشي شروع ڪئي، ظلم پنهنجا سڀئي هٿيار گڏ ڪري سر سخت جنگ لاءِ آمادھ ٿي ويو،  گمراهي ۽ ضلالت پنهنجي سڀني پيروي ڪرڻ وارن  کي پاڻ ڏانهن گهرايو، ان وقت اوهان پنهنجي ناني جي حرم ۾ پناھ وٺڻ وارا ، ظالمن کان جدا، لذتن ۽ خواهشن کان بيزار مسجد جي محراب ۾ ويٺل هيؤ. اوهان پنهنجي طاقت ۽ سگهه مطابق دل ۽ زبان سان براين کان نفرت جو اظهار ڪندي ماڻهن کي براين کان روڪيندا رهيؤ.
ليڪن جڏهن زماني ۾ بدعت عام ٿي وڃي، ظالم ۽ فاسق حڪمران حلال خدا کي حرام ڪري ۽ حرام کي حلال ته پوءِ امام وقت جي ذميداري ٿي بڻجي ته ان خلاف اٿي بيهي. امام حسين عليه السلام به بلڪل ائين ئي ڪيو. امام زمانه عج الله فرجه الشريف ، امام حسين عليه السلام کي مخاطب ٿيندي فرمائن ٿا:
) ثم اقتضاک العلم للانکار وَ لَزِمَک َ أَنْ  تُـجـاهِدَ الْـفُجّـارَ ، فَـسِـرْتَ فـی أَوْلادِکَ وَ أَهـالیـکَ ، وَ شیعَـتِک َ وَ مَوالیک(
پوءِ اوهان جي علم هي تقاضو ڪيو ته اوهان واضح لفظن ۾ بيعت کان انڪار ڪيو ۽ فاسقن جي خلاف جهاد لاءِ اٿي بيهو، پوءِ اوهان پنهنجي اولاد، اهل و عيال، شيعن ۽ چاهڻ وارن، جان نڇاور ڪرڻ وارن کي وٺي روانا ٿي ويؤ.
)وَ صَدَعْتَ بِالْحَـقِّ وَ الْبَـیّـِنَـهِ ، وَ دَعَوْتَ إِلَى اللهِ بِالْحِکْمَهِ وَ الْمَوْعِظَهِ الْحَسَنَهِ، وَ أَمَرْتَ بِإِقامَهِ الْحُدُودِ ، وَ الطّاعَهِ لِلْمَعْبُودِ، وَ نَهَیْتَ عَنِ الْخَبآئِثِ وَ الطُّـغْیانِ، وَ واجَهُـوک َ بِالظُّـلْمِ وَ الْعُـدْوانِ(
۽ (دشمن سامهون) حق ۽ حقيقت کي سهڻي نمونو بيان ڪيو، ماڻهن کي حڪمت سان ۽ نصيحت ڪندي الله سائين جي بارگاھ ڏي دعوت ڏنؤ. الله سائين جي حدن جي پاسداري ۽ سندن اطاعت جو حڪم ڏنؤ ۽ ماڻهن کي خباثت، بي هودگي ۽ سرڪشي کان روڪيؤ ليڪن ماڻهو ظلم ۽ ستم سان اوهان جي مقابلي تي لهي آيا.
حقيقي امام ۽ رهبر جي معرفت ڪرائيندي امام زمانه عج الله فرجه الشريف فرمائن ٿا:
) فَجاهَدْتَهُمْ بَعْدَ الاْیعازِ لَهُمْ، وَ تَأْکیدِ الْحُجَّهِ عَلَیْهِمْ(
اهڙي مشڪل وقت ۾ به اوهان پهريان انهن کي خدا جي غضب کان ڊيڄاريو ۽ انهن تي حجت تمام ڪيؤ پوءِ انهن سان جنگ ڪيؤ.
)...وَ جاهَدْتَ فِى اللهِ حَقَّ الْجِهادِ (
۽ الله سائين جي راهه ۾ اهڙي نموني جهاد ڪيو جيئن جهاد ڪرڻ جو حق آهي.
پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت علي عليه السلام جي سيرت به ائين ئي رهي آهي پهريان دشمن تي حجت تمام ڪندا هئا، انهن کي الله سائين جي بارگاھ جي طرف دعوت ڏيندا هئا پوءِ جنگ ڪندا هئا.
امام زمانه عج الله فرجه الشريف ، امام حسين عليه السلام جي جنگ وڙهندڙ انداز کي بيان ڪندي فرمائن ٿا:
) مُجالِداً بِذِى الْفَقارِ ، کَأَنَّک َ عَلِىٌّ الْمُخْتارُ (
۽ ذوالفقار تلوار کڻي ائين جنگ ڪيو جيئن اوهان علي مرتضي هجو.
امام زمانه عج الله فرجه الشريف امام حسين عليه السلام جي قرباني لاءِ پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي فرمانن ٿا:
) أَلسَّلامُ عَلَى الْحُسَیْنِ الَّذی سَمَحَتْ نَفْسُهُ بِمُهْجَتِهِ(
سلام هجي حسين (عليه السلام) تي جنهن پنهنجي جان الله جي راھ ۾ قربان ڪري ڇڏي
) أَلسَّلامُ عَلى مَنْ أَطاعَ اللهَ فی سِـرِّهِ وَ عَلانِـیَـتِـهِ(
سلام هجي ان هستي تي جنهن لڪ ۽ ظاهر ۾ الله سائين جي فرمانبرداري ڪئي.
امام مهدي عج الله فرجه الشريف جي نظر ۾ امام حسين عليه السلام جون  فضيلتون
1. امام حسين عليه السلام جي قبر جي مٽي ۾ الله سائين شفا رکي آهي.
) أَلسَّلامُ عَلى مَنْ جَعَلَ اللهُ الشّـِفآءَ فی تُرْبَتِهِ(
ان هستي تي سلام جنهن جي قبر جي مٽي ۾ الله سائين شفا رکي آهي.
2. امام حسين عليه السلام جي گنبذ هيٺان ڪا به دعا رد ناهي ٿيندي.
) أَلسَّلامُ عَلى مَنِ الاِ جابَـهُ تَحْتَ قُـبَّـتِهِ(
ان هستي تي سلام جنهن جي گنبذ هيٺان دعائون قبول ٿينديون آهن.
3. امام حسين عليه السلام جي نسل ۾ آئمه اطهار عليهم السلام کي رکيو ويو.
) أَلسَّلامُ عَلى مَنِ الاْ ئِـمَّـهُ مِنْ ذُرِّیَّـتِـهِ(
ان هستي تي سلام جنهن جي نسل مان آئمه اطهار آهن.
4. امام حسين عليه السلام شهيدن جا سردار آهن.
) أَلسَّلامُ عَلى شَهیدِ الشُّهَدآءِ (
شهيدن جي سردار تي سلام.
مختلف دعائن ۽ زيارتن ۾ امام عليه السلام جي لاءِ  ايها الشهيد، سيد الشهداءَ جا لقب آيا آهن جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته امام عليه السلام سڀني شهيدن جا سردار آهن.
5. امام حسين عليه السلام اڪيلا امام آهن جيڪي دشمنن هٿان جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿيا.
سڀني امامن عليهم السلام دشمنن هٿان جام شهادت پيتو آهي ليڪن جنگ جي ميدان ۾ فقط امام حسين عليه السلام کي شهادت نصيب ٿي آهي.
) أَلسَّلامُ عَلى قَتیلِ الاَدْعِیآءِ(
سلام هجي ان هستي تي جيڪا بي ننگ ۽  نام ماڻهن هٿان ( جنگ جي ميدان ۾ ) شهيد ٿي.
6. امام حسين عليه السلام اڪيلا امام آهن جيڪي بغير غسل ۽ ڪفن جي دفن ڪيا ويا. )أَلسَّلامُ عَلَى الاَجْسادِ الْعارِیاتِ(
سلام هجي انهن جسمن تي جيڪي (خاڪ تي ) عريان پيا هئا.
)أَلسَّلامُ عَلَى الْمَدْفُونینَ بِلا أَکْفان(
سلام هجي انهن هستين تي جن کي بغير ڪفن جي دفن ڪيو ويو.
7. امام حسين عليه السلام جي جسم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيو ويو.
) أَلسَّلامُ عَلَى الاَعْضآءِ الْمُقَطَّعاتِ(
سلام هجي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيل عضون تي
8. امام حسين عليه السلام جي سر کي نيزن تي بلند ڪيو ويو
)أَلسَّلامُ عَلَى الرُّؤُوسِ الْمُشالاتِ(
سلام هجي انهن سرن تي جن کي نيزن تي کنيو ويو. 
)أَلسَّلامُ عَلَى الرَّأْسِ الْمَرْفُوعِ(
سلام هجي نيزن تي بلند ٿيل سرن تي
9. امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي آسمان جي فرشتن گريو ڪيو.
)أَلسَّلامُ عَلى مَنْ بَکَتْهُ مَلائِکَهُ السَّمآءِ(
سلام هجي ان هستي تي جنهن تي آسمان جا فرشتا رنا.
10. امام حسين عليه السلام جا فرزند ميدان جنگ ۾ شهيد ڪيا ويا.
)أَلسَّلامُ عَلَیْک َ وَ عَلى أَبْنآئِکَ الْمُسْتَشْهَدینَ(
سلام هجي تو تي ۽ تنهنجي شهيد فرزندن تي.
11. امام حسين عليه السلام جي سر کي بدن کان جدا ڪيو ويو
) أَلسَّلامُ عَلَى الرُّؤُوسِ الْمُفَرَّقَهِ عَنِ الاَبْدانِ،(
سلام هجي انهن سرن تي جن کي بدنن کان جدا ڪيو ويو.
)أَلسَّلامُ عَلَى الْمَنْحُورِ فِى الْوَرى(
سلام ان هستي تي جنهن جو سرعام (ماڻهن جي مجمعي اڳيان) سر ڪٽيو ويو.
12. امام حسين عليه السلام جي شخصيت تي ملائڪن جي سردار جبرائيل فخر ڪيو:
)أَلسَّلامُ عَلى مَنِ افْتَـخَرَ بِهِ جَبْرَئیلُ(
ان هستي تي سلام جنهن تي جبرائيل فخر ڪيو.
13. امام حسين عليه السلام سان پينگهي ۾ ميڪائيل ڪلام ڪيو:
)أَلسَّلامُ عَلى مَنْ ناغاهُ فِی الْمَهْدِ میکآئیلُ(
سلام هجي ان هستي تي جنهن سان ميڪائيل پينگهي ۾ ڪلام ڪيو.
14. امام حسين عليه السلام واحد امام آهن جڏهن دشمن سان جنگ لاءِ روانا ٿين ٿا سندن اولاد، اهل و عيال به گڏ اٿن.
)...فَـسِـرْتَ فـی أَوْلادِکَ وَ أَهـالیـکَ ، وَ شیعَـتِک َ وَ مَوالیک(
...اوهان پنهنجي اولاد، اهل و عيال، شيعن ۽ چاهڻ وارن، جان نڇاور ڪرڻ وارن کي وٺي ڪري روانا ٿي ويو.
15. امام حسين عليه السلام جي رقاب ۾ گڏ هجڻ جي تمنا خود امام زمانه عج الله فرجه الشريف ڪئي آهي.
)أَلسَّلامُ عَلَیْک َ فَإِنّی قَصَدْتُ إِلَیْک َ، وَ رَجَوْتُ الْفَوْزَ لَدَیْک َ(
 آقا! سلام هجي توتي مان اوهان جي بارگاھ ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني جي آس کڻي حاضر ٿيو آهيان. 
)...فَلَئِنْ أَخَّرَتْنِى الدُّهُورُ ، وَ عاقَنی عَنْ نَصْرِک َ الْمَقْدُورُ ، وَ لَمْ أَکُنْ لِمَنْ حارَبَک َ مُحارِباً، وَ لِمَنْ نَصَبَ لَک َ الْعَداوَهَ مُناصِباً(
زماني مون کي موخر ڪري ڇڏيو ( مان واقعي شهادت کان پوءِ پيدا ٿيس) ۽ منهنجي قسمت مون کي اوهان جي مدد ڪرڻ کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ مان موجود نه هيس تاڪه انهن سان جنگ ڪيان ها جن اوهان سان جنگ ڪئي ۽ انهن سان دشمني ڪيان ها جن اوهان سان دشمني ڪئي.
)فَلاَ نْدُبَنَّک َ صَباحاً وَ مَسآءً، وَ لاَبْکِیَنَّ لَک َ بَدَلَ الدُّمُوعِ دَماً، حَسْرَهً عَلَیْک َ وَ تَأَسُّفاً عَلى ما دَهاک َ وَ تَلَهُّفاً حَتّى أَمُوتَ بِلَوْعَهِ  الْمُصابِ وَ غُصَّهِ الاِکْتِیابِ(
ان ڪري مان حسرت ۽ افسوس وٽان اوهان تي گذرندڙ مصائب تي  مسلسل صبح ۽ شام گريو ڪيان ٿو ۽ ڳوڙها ڳاڻڻ بدران خون روئان ٿو انهن مصيبتن سبب جيڪي اوهان تي آيون. بالاخر غم ۽ ڏک جي بٺي ۽ مصيبت جي شعلن ۾ جلي ڪري خاڪ ٿي وڃان ۽ اهڙي طرح اوهان جي بارگاھ ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪريان.
حوالا
[1] . سوره آل عمران، آيه 61.
2. سوره آل عمران آيه 19.
3. آيه مباهله سوره آل عمران انفسنا و انفسکم

4. سوره فجر 27ـ 30

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: