Ad 468 X 60

15/02/2016

امام حسين عليه السلام جي عزاداري امام محمد باقر عليه السلام جي نظر ۾

مهاڳ:
امام حسين عليه السلام هڪ اهڙي شخصيت آهن جن شهادت ماڻي ڪري دين اسلام کي اهڙي ته زندگي ڏني جو قيامت تائين زنده رهندو ۽ نابود ڪرڻ وارا هميشه لاءِ رسوا ۽ ناڪام رهندا.
امام زين العابدين عليه السلام کان وٺي امام زمانه عجل الله تعالي فرجه الشريف تائين هر امام عليه السلام  پنهنجي پنهنجي دور ۾ امام حسين عليه السلام جي پاڪ ذڪر کي باقي رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ائمه طاهرين عليهم السلام مان امام محمد باقر عليه السلام جيڪي ڪربلا جي واقعي مهل اتي موجود هئا ۽ ان دردناڪ واقعي جا اکين ڏٺا شاهد آهن امام حسين عليه السلام جي ذڪر کي زنده رکڻ لاءِ هميشه پنهنجي شيعن کي تمام گهڻي تاڪيد ڪندا هئا.
عزاداري جي اهميت ۽ ثواب
امام حسين عليه السلام جي مقصد کي باقي رکڻ لاءِ ائمه معصومين عليهم السلام جنهن طريقي ڏانهن رهنمائي فرمائي آهي، اهو سندن دردناڪ شهادت تي عزاداري برپا ڪرڻ آهي.
امام محمد باقر عليه السلام جن جو زمانو اهڙو زمانو هو جنهن ۾ امام حسين عليه السلام جي عزاداري ۽ مجلس ڪرائڻ اوکو ڪم هو. بني اميه هر اهڙي عمل تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي ، جنهن سان امت اسلامي ۾ بيداري جي اُمنگ پيدا ٿئي ۽ ظالمن جو چهرو بي نقاب ٿئي. ان ڪري امام محمد باقر عليه السلام پنهنجي ڪجهه صحابين سان گڏجي ، ڪربلا جي مظلومن جي عزاداري ۽ مجلس کي بر پا ڪرائيندا هئا ۽ ان دور جي معروف شاعرن جهڙوڪ ڪميت بن زيد اسدي ۽ ٻين کي گهرائي شهيد ڪربلا جو ذڪر ڪرائيندا هئا.1)
روح القدس جي تائيد
پاڻ هر سال عاشور جي ڏينهن مجلس عزا قائم ڪندا هئا ۽ مظلوم ڪربلا جا مصائب ٻڌي گريو ڪندا هئا هڪ ڀيري مجلس عزا ۾ امام باقر عليه السلام جي موجودگي ۾ ڪميت شعر پڙهيو جڏهن هن مصرعي «قتيل بالطف ...» تي پهتو ته سندس گريو وڌي ويو ۽ فرمايائون: اي ڪميت اگر سرمايو هجي ها ته ان شعر جي عيوض توکي بخشي ڇڏيون ها، ها مگر تنهنجو انعام اها ئي دعا آهي جيڪا پاڻ سڳورن حسان بن ثابت بابت فرمائي هئي ته اي حسان اهل بيت (عليهم السلام) جي دفاع ڪرڻ ڪارڻ هميشه روح القدس جي تائيد ۾ هوندين. (2)
ٻه هزار حجن ، عمرن ، پيغمبر  ۽ امامن عليهم السلام جي رڪاب ۾ جهاد ڪرڻ جو ثواب
امام باقر عليه السلام جن ٻي جاءِ تي فرمائن ٿا: لیندب الحسین و یبکیه و یأمر من فی داره بالبکاء علیه و یقیم فی داره مصیبته باظهار الجزع علیه و یتلاقون بالبکاء عليه بعضهم في البيوت و لیعز بعضهم بعضا بمصاب الحسین فانا ضامن لهم اذا احتملوا ذلک ان يعطيهم ثواب الفي حجة و عمرة و غزوة مع رسول الله و الائمة الراشدين. (3)
امام حسين عليه السلام تي گريو ڪريو ۽ پنهنجي گهر وارن کي پڻ گريي ڪرڻ جو حڪم ڪريو ۽ پنهنجي گهرن ۾ امام حسين عليه السلام جون مجلسون برپا ڪري پنهنجي ڏک ۽ غم کي وائکو ڪريو ۽ جڏهن گهرن ۾ هڪ ٻئي سان ملو ته گريو ڪندي هڪ ٻئي کي آٿت ڏيو ۽ جيڪو به ائين ڪندو آئون ٻه هزار حجن ، ٻه هزار عُمرن ۽ نبي ڪريم صه ۽ پاڪ امامن عليهم السلام جي رڪاب ۾ جهاد ڪرڻ جي برابر ثواب جو ان لاءِ ضامن آهيان.
دوزخ جي باهه کان امان
امام باقر عليه السلام پنهنجي والد بزرگوار کان نقل ڪندي فرمائن ٿا ته: جيڪو به مومن اسان جي خاطر ڏکارو ٿيو ايتري قدر جو ڳوڙها اکين مان جاري ٿيس ته الله سائين رنج ۽ غم کي ان کان دور ڪري ٿو ۽ ان کي قيامت واري ڏهاڙي پنهنجي غضب ۽ دوزخ جي باهه کان امان ۾ رکندو. (4)
جنت ۾ جاءِ
امام محمد باقر عليه السلام جو صحابي محمد بن مسلم امام کان نقل ڪري ٿو ته : هر اهو مومن جيڪو امام حسين عليه السلام جي قتل (شهيد ٿيڻ) تي ڳوڙها ڳاڙي ۽ اهي ڳوڙها انجي رخسارن تي وهڻ لڳن ته الله سائين کيس جنت ۾ جاءِ عطا فرمائيندو ۽ هو هميشه لاءِ اتي رهندو (5)
عزاداري ڇو ڪجي؟
عزاداري جي سبب يا فلسفي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون جن مان ڪجهه ڏانهن اسان اشارو ڪريون ٿا.
1: عزاداري ، عقل جو تقاضا
عقل تقاضا ڪري ٿو ته انسان پنهنجي عزيزن جي ڏکن ۾ غمگين ۽ پريشان ٿيندو آهي ۽ سندن وڇوڙي ۾ روئيندو ۽ هنجون هاريندو آهي. سٺي اخلاق سان آراسته هر انسان پنهنجي يار ، دوست ، رشتيدار ۽ پنهنجي وڏي جي وڇوڙي تي ائين ئي ڪندو آهي بلڪل انهيءَ ريت جهڙي ريت حضرت آدم عليه السلام هابيل جي غم ۾ ، يعقوب عليه السلام حضرت يوسف عليه السلام جي غم ۾ ۽ پاڻ سڳورن صه حضرت حمزه جي غم ۾ گريو ڪيو. هاڻي وڇڙڻ وارو جيتري مقام ۽ عظمت جو مالڪ هوندو ان لاءِ ڏک ۽ غم به ايترو ئي وڌيڪ ٿيندو
2: عزاداري ، بطور شڪريه امام حسين عليه السلام
امام حسين عليه السلام جي شڪريه ادا ڪرڻ طور سندس عزاداري ڪرڻ ضروري آهي.
ٻين جي خدمتن ۽ سٺي برتاءُ ڪرڻ  خاطر سندن قدرداني ۽ شڪريو ادا ڪرڻ لازمي ۽ ڀلو عمل آهي  ۽ اهڙي ريت اگر سندن خدمت فداڪاري ۽ قرباني طور هجي ته وڌيڪ شڪريه جا حقدار ٿين ٿا پوءِ امام حسين عليه السلام جنهن دين اسلام ۽ قرآن مجيد کي زنده رکڻ ۽ مسلمانن جي حمايت خاطر قيام فرمايو ۽ پنهنجي سڀني پيارن  کي هن راهه ۾ قربان ڪيو شڪريه ادا ڪرڻ جي قابل آهي.
3: عزاداري، ظالم ۽ ظلم خلاف احتجاج
قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿئي ٿو: لا يُحبُّ اللهُ الجَهر بالسُّوء مِنَ القَولِ إِلاّ مَن ظُلِم (6) خدا ڪنهن جي به وڏي سڏ بڇڙي ڳالھ چوڻ کي پسند نٿو ڪري پر مظلوم (ظالم جي برائي بڇڙائپ) بيان ڪري سگهي ٿو
هن آيت جا ٻه جملا آهن
الف: لا يحب الله، الله سائين ٻين جي عيبن ۽ براين جي ظاهر ڪرڻ کي پسند نٿو ڪري، سواءِ انهن جي جنهن جو حق غصب ڪيو ويو هجي. اهي انسان هن حڪم کان الڳ ۽ جدا آهن. انهن تي اهو قانون لاڳو نه ٿيندو بلڪه انهن کي حق آهي  ته پنهنجي مظلوميت جو اظهار ڪندي ظالمن کي رسوا، ذليل ۽ خوار ڪن.
ب: الا من ظلم، هي جملو سڀني ظالمن لاءِ ڌمڪي آهي ته نه صرف الله سائين مظلوم کي ظالم خلاف فرياد ڪرڻ، ظلم کي پڌري ڪرڻ جو حق ڏنو آهي، بلڪه اها فرياد الله وٽ محبوب ۽ پسنديده به آهي .جيتوڻيڪ ظلم جا ڪيترائي مرتبا ۽ درجا آهن جيئن نفس تي ظلم، يتيم تي ظلم وغيره پر سڀني کان وڏو ظلم هي آهي ته جيڪو ”حق“ الله سائين ڪجهه خاص انسانن کي عطا ڪيو آهي انهن کان کسيو وڃي. ٻين لفظن ۾ هي ته الله سائين ڪجهه خاص انسانن کي ولايت“ ۽ ”امامت“ جو حق عطا ڪيو آهي جيئن ارشاد ٿئي ٿو ته: إِنَّما وَليكُمُ اللهُ وَ رَسُولَهُ وَ الَّذينَ آمَنوا الَّذينَ يُقيمُونَ الصَّلوةَ وَ يُؤْتُونَ الزَّكاةَ وَ هُمْ راكِعُون.(7) توهان جو ولي صرف الله آهي ۽ ان جو رسول ۽ اهي مومن جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪوات ادا ڪن ٿا.
واضح آهي ته خدائي حق کي کسڻ سڀني کان وڏو ظلم آهي ڇو جو ٻين فردي يا اجتماعي حقن جي پائمالي جي جڙ اها ئي آهي. تنهن ڪري ”ولي الله“ يا ”امام“ جي حق کي غصب ڪرڻ سڀني کان وڏو ظلم ۽ ستم آهي. بيشڪ امام حسين عليه السلام انهن مان هڪ آهن جن کي ولايت جو درجو عطا ٿيو.
ڇا اسلامي معاشري کي فرزند رسول صه تي ٿيل ايڏي وڏي ظلم تي چپ رهڻ گهرجي؟ يا انهن جي ڪلهن تي هڪ وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي؟ آيت اهو ٻڌائي ٿئي ته انهن کي فرياد بلند ڪرڻ گهرجي، ظالمن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي، امام عليه السلام جي مصائب کي بيان ڪرڻ گهرجي، الله ۽ الله جي رسول صه جي دشمنن کان بيزاري جو اظهار ڪرڻ گهرجي. يقينا ظلم خلاف احتجاج ۽ عزاداري ” جهر من القول“ جو مصداق آهي، جنهن کي الله سائين پسند ڪري ٿو. اهلبيت جا حبدار به انهي نيڪ مقصد تحت عزاداري ڪندا آهن.
4: عزاداري ، امام عليه السلام جي هدف ۽ شخصيت کي زنده رکڻ لاءِ
حق ۽ عدل جي پاسداري جي راهه ۾ امام حسين عليه السلام ۽ سندن با وفا دوستن جي فداڪاري ۽ قرباني جي ياد ۾ عزاداري ۽ نوحه خواني حق ۽ عين عدل مطابق آهي.
عزاداري، امام حسين عليه السلام جي اهداف کي زنده ڪرڻ جو سبب آهي ڇو جو مومنن جي تاريخن ، ڪارنامن کي دهرائڻ حقيقت ۾ انهن کي زندگي ڏيڻ  آهي ۽ جنهن به ڪنهن هڪ انسان کي زندگي ڏني ڄڻ ته پوري انسانيت کي زندگي ڏني.
امام باقر عليه السلام ڇو پنهنجي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ پنهنجي پٽ امام صادق عليه السلام کي وصيت ڪندي فرمائن ٿا: منهنجي لاءِ 10 سال مِنى جي مقام تي عزاداري ڪرائيجان انهي لاءِ ته جيئن ماڻهن کي مظلوميت اهل بيت عليهم السلام ڏانهن متوجهه ڪرائي، ان اهم هدف ڏانهن ماڻهن جي توجهه امام عليه السلام جي هدفن کي زنده ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ آهي.
هي عزاداري ئي ته آهي جنهن سبب حسيني فڪر ماڻهن جي ذهنن ۾ نفوذ ڪيون ويٺي آهي ۽ انهن جي مئل ضميرن کي زنده ڪري ٿي.
5: عزاداري ،اهلبيت عليهم السلام سان مودت جي اظهار خاطر
الله سائين، رسالت جو اجر، پاڻ سڳورن صه جي اهلبيت عليهم السلام سان مودت کي قرار ڏنو آهي: قُل لا أَسْئَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلاَّ الْمَوَدَّةَ فِى القُرْبى (8) (اي پيغمبر کين) چئو ته مان اوهان کان ان (پيغام پهچائڻ) تي ڪو اجورو نٿو گهران سواءِ ان جي جو منهنجي اهل بيت سان مودت ڪريو.
هي آيت اهو ٻڌائي ٿي ته رسول اڪرم صه امت جي هدايت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، تنهنڪري ان جو اجر به تمام گهڻو هجڻ گهرجي. جيڪو اهلبيت عليهم السلام سان مودت جي صورت ۾ بيان ٿيو آهي.
مودت ۽ عشق جون ڪجهه نشانيون آهن، سٺو عاشق ۽ سچو دوست اهو آهي جيڪو دوستي کي چڱي نموني نڀائي نه ته ان جي دوستي ڪوڙي ۽ ظاهري هوندي. سچي دوست جي هڪ نشاني انهن جي غم ۾ شريڪ ٿيڻ آهي.
حقيقت هي آهي ته اهلبيت عليهم السلام جي خوشي ۾ خوش رهڻ ۽ انهن جي غم ۾ غمگين رهڻ ،انهن جي سچي پيروڪارن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
ان بنياد تي مودت اهلبيت عليهم السلام ، جيڪا پيغمبر اڪرم صه جي رسالت جي تبليغ جو اجر آهي، تنهن جو تقاضو آهي ته اسان زبان، گفتار، رفتار، لڙڪ، مرثيه خواني، نوحه خواني ۽ سندس قاتلن تي لعنت ڪري انهن جي غم ۾ شريڪ ٿيون.
6: عزاداري ”الله جي نشانين“ جي تعظيم خاطر
الله سائين فرمائي ٿو: وَ مَنْ يُعَظِّمْ شَعائِرَ اللهِ فَاِنَّها مِنْ تَقَوَى الْقُلُوبِ، (9) جيڪو به شعائرالله ( الله جي نشانين) جي تعظيم ڪندو ته اها ان جي دلي تقوا مان آهي.
بيشڪ خدائي نشانين جي تعظيم ڪرڻ، اسلام جو هڪ بنيادي حڪم آهي.
ان بنياد تي الله جي خالص ٻانهن جو غم ملهائڻ جن الله جي ياد کي باقي رکڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو، اهو به شعائر الله جو هڪ نمونو آهي. جهڙي نموني عيد قربان تي قرباني ڪرڻ کي شعائر الله سمجهيو وڃي ٿو تهڙي نموني ڪربلا وارن جي قرباني کي ياد ڪري غم ڪرڻ به شعائر الله آهي.
عزاداري ڪهڙي نموني سان ڪجي؟
امام حسين عليه السلام ۽ سندن با وفا ساٿين لاءِ عزاداري جي سفارش ۽ تاڪيد دين اسلام جي بانين طرفان ٿيل آهي. هن طول تاريخ ۾ شيعه حضرات ۽  امام حسين عليه السلام سان دلي رابطو رکڻ وارا سندن عزاداري ۽ سوڳواري ڪرڻ کان ڪڏهن به غافل نه رهيا آهن اڄ به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به مسلمان رهن ٿا گهٽ ۾ گهٽ محرم الحرام مهيني جي ڏهن ڏينهن ۾ ۽ خاص ڪري عاشور جي ڏينهن پنهنجي سگهه مطابق عزاداري برپا ڪندا آهن. هاڻي عزاداري ڪهڙي نموني سان ڪرڻ گهرجي هت ڪجهه نمونا بيان ڪجن ٿا.
1: گريو ڪرڻ
عزاداري ۽ غم ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ هڪ معمول آهي هر انسان جي طبيعت ۾ آهي ته پنهنجي عزيز جي جدائي ۾ غمگين ٿيندو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو آهي. روايتن ۾ ڏسون ٿا ته جڏهن پاڻ سڳورن صه جو فرزند ابراهيم هن دنيا تان لاڏاڻو ڪري ويو ته گريو ڪيائون؛ جڏهن ڪجهه صحابين اعتراض ڪندي روئڻ جو سبب پڇيو ته فرمايائون:  تَدْمَعُ الْعَیْنُ، وَ یُوجَعُ الْقَلْبُ، وَ لا نَقُولُ ما یُسْخِطُ الرَّبَّ  اک روئندي ۽ دل غمگين ٿيندي پر اسان زبان مان ڪا اهڙي ڳالھ ناهيون ڪندا جنهن سان پالڻهار ناراض ٿئي.(10)
امام باقر عليه السلام ڪميت جي مرثئي ٻڌڻ کان پوءِ گريو ڪيو ۽ فرمايائون: ما مِنْ رَجُلٍ ذکَرَنا اَوْ ذُکِرْنا عِنْدَهُ یَخْرُجُ مِنْ عَیْنَیْهِ ماءٌ ولَوْ مِثْلَ جَناحِ الْبَعوضَةِ اِلاّ بَنَى اللّهُ لَهُ بَیْتاً فى الْجَنَّةِ وَ جَعَلَ ذلِکَ الدَّمْعَ حِجاباً بَیْنَهُ وَ بَیْنَ النّارِ ڪوئي به اهڙو شخص ناهي جيڪو اسان کي ياد ڪري يا ان وٽ اسان جو ذڪر ٿئي ۽ اکين مان ڳوڙها ڳاڙهي چاهي مڇر جي پر جيترا  ئي ڇو نه هجن مگر هي ته الله سائين ان لاءِ جنت ۾ هڪ گهر بڻائيندو ۽ ان ڳوڙهي کي ان شخص ۽ جهنم جي باهه جي درميان رڪاوٽ قرار ڏيندو.(11)
2: تباڪى‏ ، روئڻهارڪي  شڪل بنائڻ
تباڪي جي معني هي  آهي ته انسان روئڻهارڪي شڪل بڻائي. ڪڏهن ممڪن آهي ته حسيني مجلسن ۾ غم ۽ ڏک ٻڌڻ کان پوءِ به انسان جي اکين مان ڳوڙها جاري نه ٿين ان صورت ۾ انسان تباڪي يعني روئڻهارڪي شڪل بڻائي.
امام معصوم عليه السلام کان نقل ٿيو آهي ته: جيڪو امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي روئڻهارڪو چهرو بڻائي ان لاءِ جنت واجب ٿي وڃي ٿي. (12)
3: ڪارا ڪپڙا پائڻ‏
ماڻهن ۾ اهو دستور ۽ رسم آهي ته پنهنجي عزيزن جي وڇوڙي تي ڪارا ڪپڙا پائيندا آهن ۽ هي ڪپڙن جو رنگ ماتم ۽ عزا جي نشاني آهي انهي ڪري عزادار شهادت وارن ڏينهن ۽ خاص ڪري محرم وارن ڏينهن ۾ ڪارا ڪپڙا پائيندا آهن تاريخ ۾ آهي ته لَمَّا قُتِلَ الْحُسَیْنُ بْنُ عَلِىٍّ صَلَواتُ اللَّهِ عَلَیْهِ لَبِسَ نِساءُ بَنِی هاشِمِ السَّوادَ وَ الْمُسوُحَ (13) جڏهن امام حسين عليه السلام کي شهيد ڪيو ويو ته بني هاشم جي مستورات ڪارا ۽ سخت ڪپڙا پهريا
4: مجلسون برپا ڪرائڻ
امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين لاءِ مجلسون برپا ڪرائڻ عزاداري امام حسين عليه السلام جو هڪ حصو آهي مڪتب حسيني سان واسطو رکڻ وارا مجلسون برپا ڪري امام عليه السلام جي اهم ۽ قيمتي هدفن کان آگاه ٿيندا ۽ امام عليه السلام ۽ ساٿين جي مصيبتن تي روئيندا آهن.
هي مجلسون هميشه امت اسلامي کي بيدار ڪرڻ جو وسيلو رهيون آهن.
امام صادق عليه السلام پنهنجي هڪ صحابي، فضيل کان سوال ڪيو: ڇا پاڻ ۾ ويهي هڪٻئي کي حديثون ٻڌائيندا آهيو؟ فضيل جواب ڏنو: جي ها مولا، امام عليه السلام فرمايو: إِنَّ تِلْکَ الَمجالِسَ أُحِبُّها، فَأَحْیُوا أَمْرَنا، فَرَحِمَ اللَّهُ مَنْ أَحْیا أَمْرَنا، (14) مان اهڙين مجلسن کي پسند ڪندو آهيان، اسان جي مڪتب کي زنده رکو، الله سائين پنهنجي رحمت نازل فرمائي ان شخص تي جيڪو اسان جي مڪتب کي زنده ڪري ٿو.
5: نوحه خواني
امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي المناڪ شهادتن تي نوحه خواني مسلمانن جي احساسن کي اڀارڻ ۽ عاشور واري دردناڪ واقعي جي ياد ڏيارڻ آهي.
هي نوحه خواني آئمه معصومين عليهم السلام جي دور ۾ به هئي، آئمه معصومين عليهم السلام نوحه ۽ مرثئي پڙهندڙن کي شوق ڏياريندي کين ڪربلا جي واقعي ۽ بني اميه جي ظلمن بيان ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي ۽ انهن جي ان عمل کي ساراهيندي بهترين انعام به ڏنو آهي. امام رضا عليه السلام، دعبل شاعر کي مخاطب ڪندي فرمائن ٿا: یا دِعبِلُ! اِرْثِ الحُسَیْنَ علیه السّلام فَاَنْتَ ناصِرُنا وَ مادِحُنا ما دُمْتَ حَیّاً فَلا تُقصِرْ عَنْ نَصْرِنا مَا اسْتَطَعْتَ. (15) اي دعبل! امام حسين عليه السلام لاءِ مرثيه خواني ( نوحه خواني) ڪر ، جيسيتائين تون زنده آهين اسان جا فضائل بيان ڪندڙ ۽ اسان جو  مددگار آهين. جيسيتائين ٿي سگهئي اسان جي مدد ڪرڻ کان ڪوتاهي نه ڪجان.
امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:  مَنْ قالَ فینا بَیْتَ شِعْرٍ بَنَى اللّهُ لَهُ بَیْتاً فىِ الْجَنَّةِ (16) جيڪو به اسان لاءِ هڪ شعر ( مرثيو، نوحو) پڙهندو الله سائين ان لاءِ جنت ۾ هڪ گهر بڻائيندو.
6: ماتم ڪرڻ
غم ۽ ڏک ۾ ماتم ڪرڻ هڪ عام عادت آهي اهڙي ريت امام حسين عليه السلام جا مصائب ٻڌي ماتم ڪرڻ عادي ۽ طبعي آهي. نقل ٿيل آهي ته جڏهن خاندان بني هاشم شام کان مديني ڏانهن وڃي رهيا هئا، رستي دوران قافلي سالار کي چيائون انهن کي ڪربلا وٺي وڃي ته جيئن ڪربلا جي شهيدن جي ٻئي ڀيري زيارت ڪن. جڏهن سرزمين ڪربلا تي پهتا فَوَجَدُوا جابِرَ بْنَ عَبْدِاللهِ الاْنصارِی وَ جَماعَةً مِنْ بَنِی هاشِمَ وَ رَجُلا مِنْ آلِ رَسُولُ اللهِ؛ قَدْ وَرَدُوا لِزِیارَةِ قَبْرِ الْحُسَیْنِ(علیه السلام)، فَوافَوْا فِی وَقْت واحِد، وَ تَلاقَوْا بِالْبُکاءِ وَ الْحُزْنِ وَ اللَّطْمِ، وَ أَقامُوا الْمَأْتَمَ الْمُقْرِحَةَ لِلاکبادِ ڏٺن ته جابر بن عبدالله انصاري ۽ بني هاشمي جو هڪ گروه ۽ اهلبيت عليهم السلام جي گهراڻي منجهان هڪ شخص  امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت لاءِ ڪربلا آيل آهن هنن جڏهن هڪٻئي سان ملاقات ڪئي سندن ملاقات روئڻ، ڏک ۽ ماتم ڪرڻ سان گڏ هئي انهي طريقي سان سرزمين ڪربلا تي ماتم برپا ڪيائون. (17)
7: ڪاروبار وغيره کي بند ڪرڻ
مولا جي عزادار هجڻ جي هڪ نشاني هي آهي ته مولا جي ڏک ۽ غم وارن ڏهاڙن ۾ ڪاروبار ۽ پنهنجي ڪمن کي ڇڏي ڏئي. عاشور جي ڏينهن دنياوي ڪمن جي ڇڏڻ بابت هڪ روايت آهي ته
امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا: مَنْ تَرَکَ السَّعْىَ فِی حَوائِجِهِ یَوْمَ عاشُورا قَضَى اللَّهُ لَهُ حَوائِجَ الدُّنْیا وَالْآخِرَةِ وَ مَنْ کانَ یَوْمُ عاشُورا یَوْمَ مُصِیبَتِهِ وَ حُزْنِهِ وَ بُکائِهِ، جَعَلَ اللَّهُ عَزَّوَجَلَّ یَوْمَ الْقِیامَةِ یَوْمَ فَرَحِهِ وَ سُرُورِهِ. جيڪو شخص به عاشور جي ڏينهن پنهنجي ڪمن ڪارن کي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري الله سائين ان جون دنياوي ۽ اخروي حاجتون پوريون ڪندو ۽ جيڪو شخص عاشورا جي ڏينهن کي ڏکن ، غمن ۽ روئڻ وارو ڏينهن قرار ڏئي الله سائين قيامت جي ڏينهن کي ان لاءِ خوشي ۽ راحت جو ڏينهن قرار ڏيندو. (18)
عزاداري ڪرڻ جا فائدا
امام حسين عليه السلام جي عزاداري ڪرڻ جا تمام گهڻا فائدا آهن هتي ڪجهه پيش ڪجن ٿا.
 1: گناه بخشا ويندا
عزاداري ڪرڻ سان گناه بخشيا ويندا. روايتن مطابق اگر ڪو شخص امام حسين عليه السلام جي مجلسن ۾ وڃي ۽ عزاداري ڪري ان جا گناه معاف ڪيا ويندا. (19) اهڙي ريت پيغمبر صه ۽ آئمه معصومين عليهم السلام کان عزاداري جي اهميت ۽ هي ته اهلبيت عليهم السلام جي مصيبتن تي روئڻ سان جنت واجب ٿيندي بابت روايتون بيان ٿيون آهن. امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا: فَعَلى مِثْلِ الْحُسَینِ فَلْیَبْکِ الْباکُونَ فَاِنَّ البُکاءَ عَلَیهِ یَحُطُّ الذُّنُوبَ الْعِظامَ.(20) روئڻ وارن کي گهرجي حسين عليه السلام جهڙي تي روئن ڇو جو امام حسين عليه السلام لاءِ گريو ڪرڻ وڏن وڏن گناهن کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.
2: تمام گهڻو ثواب ملندو
امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: امام حسين عليه السلام تي گريو ڪريو ۽ پنهنجي گهر وارن کي پڻ گريي ڪرڻ جو حڪم ڪريو ۽ پنهنجي گهرن ۾ امام حسين عليه السلام جو مجلسون برپا ڪري پنهنجي ڏک ۽ غم کي وائکو ڪريو ۽ جڏهن گهرن ۾ هڪ ٻئي سان ملو ته گريو ڪندي هڪ ٻئي کي آٿت ڏيو ۽ جيڪو به ائين ڪندو ته آئون ٻه هزار حجن ، ٻه هزار عُمرن ۽ نبي ڪريم صه ۽ پاڪ امامن عليهم السلام جي رڪاب ۾ جهاد ڪرڻ جي برابر ثواب جو ان لاءِ ضامن آهيان. (21)
ايتري قدر جو روايتن ۾ آيو آهي ته عزاداري ڪرڻ سڀني عملن کان ڀلو عمل آهي. (22)
3: ايمان ۽ معنويت ۾ اضافو
مڪتب عاشورا ۾ عبادت، ديني تعليمات جو سرچشمو ۽ اسلامي معاشري جي معنويت لاءِ روح آهي. مسلمانن جي عزت انهن جي ايمان ۽ معنويت جي مرهون منت آهي. امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ آيا ته جيئن اعلان ڪن اسلامي معاشري کي وڏي ۾ وڏو خطرو ايمان ۽ معنويت جي گهٽ ٿيڻ ۽ ان جي اهميت جو گهٽجي وڃڻ آهي. سڀئي مسلمان ان ڳالهه کان آگاهه آهن ته يزيدين امام حسين عليه السلام کي ان لاءِ خارجي چيو ته جيئن يزيد کي مسلمانن جو امام معرفي ڪن. خدا جي حڪمن کي تبديل ڪَيُن ته جيئن پنهنجن برن مقصدن کي دين ۾ شامل ڪن. عزاداري ڪرڻ تي اعتراض ڪَيُن ته جيئن قيام حسيني جي عظمت کي مسلمانن کان کسي وٺن ان ڳالهه کان بي خبر ته عاشورا عبادت ، توحيد، معنويت، عزت ، عدالت ، قرباني ۽ ايمان جي تجلي آهي ۽ عزاداري عاشورا کي زنده ڪرڻ واري آهي.
4: امت اسلامي ۾ اتحاد
امام حسين عليه السلام لاءِ عزاداري برپا ڪرڻ جي برڪتن مان هڪ برڪت امت اسلامي ۾ هيڪڙائي جو پيدا ٿيڻ آهي جنهن جو واضح نمونو امام عليه السلام جي غمن وارن ڏينهن ۾ ماڻهو شيعه ۽ سني جي فرق کي ڇڏي مسجدن ، امام بارگاهن ۽ روڊن ، رستن تي عزاداري وقت گڏ هوندا آهن.
انهن جو عزاداري ۾ گڏ هجڻ سندن دلين جو هڪٻئي سان قريب ٿيڻ ۽ نفرتون ، ڪدورتون ختم ڪري امت اسلامي ۾ وحدت ۽ هيڪڙائي جو سبب ٿئي ٿو.
5T10188عاقبت بالخير ٿيندي
عزاداري ڪرڻ سان آخرت سٺي ٿيندي. ٻين لفظن ۾ هي ته امام حسين عليه السلام جي عنايتن جو هٿ عزادارن جي مٿان هميشه هوندو آهي. انهي عنايتن جي برڪت سان عزادار بري عاقبت ، بري نتيجي کان امان ۾ رهندو. ڀلي آخرت مان مراد ٽي شيون آهن
1. عزت کان بعد ذلت نه ملندس 2. مرڻ گهڙي تائين دين کان منحرف نه ٿيندو 3. مرڻ وقت اهل بيت جي زيارت نصيب ٿيندس. هي بزرگوار ان جي سار سنڀار لاءِ ايندا.
در ڌڻي دعا آهي ته اسان کي عزاداري ڪرڻ ۽ ان کي باقي رکڻ جي سگهه عطا فرمائي.
.........................................
حوالا
1. پاسخ به شبهات عزاداري، حين رجبي ، ص113
2. مصباح المتهجد، ص 713
3. ڪامل الزيارات ص 174 باب 71
4. ڪامل الزيارات باب 32 حديث 1
5. سردار ڪربلا ص 78 بحار الانوار ج 44 ص 285
6. سوره نساء، آيه 148
7. سوره مائده آيه 55
8. سوره شورى، آيه 23
9. سوره حج، آيه 32
10. بحارالانوار، ج 79، ص 91
11. الغدير ج 2، ص .202
12. امام حسين سان عشق جو اظهار ص 113
13. بحارالانوار، ج 45، ص 188
14. وسائل الشيعه ج 10، ص 392
15. جامع احاديث الشيعه ، ج 12 ص 567
16. وسائل الشيعه ج 10 ص 467
17. بحارالانوار ج 45 ص 146
18. بحارالانوار ج 44 ص 284
19. بحار الانوار، ج 45، ص 257
20. بحار الانوار، ج 44 ص 284
21. ڪامل الزيارات ص 174 باب 71
22. ڪامل الزيارات، ص 146


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: