Ad 468 X 60

26/01/2016

خطبه شعبانيه تي هڪ نظر

ٽي ماهي المجتبي رسالي ۾ شايع ٿيل 
مهاڳ:
شعبان المعظم مهيني جي آخري ڏهاڙن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن صحابين جي اجتماع سان خطاب ڪندي کين رمضان المبارڪ مهيني جي عظمت ۽ اهميت کان آگاه ڪيو ۽ هن مهيني جي خاصيتن ، برڪتن ۽ سندس ڏينهن ۽ راتين ۾ مسلمانن جي ذميوارين کي بيان فرمايو.

علي بن حسن بن فضال پنهنجي بابا کان ۽ سندس بابا حضرت امام علي رضا عليه السلام کان نقل ڪن ٿا ته امام رضا  عليه السلام جن پنهنجي آباء کان روايت ڪئي آهي ته حضرت علي عليه السلام جن فرمائن ٿا: هڪ ڏهاڙي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم اسان سان خطاب ڪيو ۽ فرمايائون:
رمضان المبارڪ الله سائين جو برڪتن، رحمتن ۽ مغفرتن وارو مهينو
أَیُّهَا النَّاسُ إِنَّهُ قَدْ أَقْبَلَ إِلَیْكُمْ شَهْرُ اللَّهِ بِالْبَرَكَةِ وَ الرَّحْمَةِ وَ الْمَغْفِرَةِ شَهْرٌ هُوَ عِنْدَ اللَّهِ أَفْضَلُ الشُّهُورِ وَ أَیَّامُهُ أَفْضَلُ الْأَیَّامِ وَ لَیَالِیهِ أَفْضَلُ اللَّیَالِی وَ سَاعَاتُهُ أَفْضَلُ السَّاعَاتِ
اي انسانؤ! يقينا اوهان ڏانهن الله سائين جو برڪتن، رحمتن ۽ مغفرتن سان ڀريل مهينو اچي رهيو آهي، هي مهينو الله سائين وٽ سڀني مهينن کان ڀلو آهي. هن جا ڏهاڙا سڀني ڏهاڙن کان ڀلا ، هن جون راتيون سڀني راتين کان ڀليون  ۽ هن جا لمحا سڀني لمحن کان ڀلا آهن.
الله سائين جي مهمان نوازي ۽ انسان جي عزت
هُوَ شَهْرٌ دُعِیتُمْ فِیهِ إِلَى ضِیَافَةِ اللَّهِ وَ جُعِلْتُمْ فِیهِ مِنْ أَهْلِ كَرَامَةِ اللَّهِ أَنْفَاسُكُمْ فِیهِ تَسْبِیحٌ وَ نَوْمُكُمْ فِیهِ عِبَادَةٌ وَ عَمَلُكُمْ فِیهِ مَقْبُولٌ وَ دُعَاؤُكُمْ فِیهِ مُسْتَجَابٌ فَاسْأَلُوا اللَّهَ رَبَّكُمْ بِنِیَّاتٍ صَادِقَةٍ وَ قُلُوبٍ طَاهِرَةٍ أَنْ یُوَفِّقَكُمْ لِصِیَامِهِ وَ تِلَاوَةِ كِتَابِهِ  فَإِنَّ الشَّقِیَّ مَنْ حُرِمَ غُفْرَانَ اللَّهِ فِی هَذَا الشَّهْرِ الْعَظِیمِ.
هي اهڙو مهينو آهي جنهن ۾ اوهان کي الله سائين جي مهمان نوازي لاءِ دعوت ڏني وئي آهي ۽ اوهان کي هن مهيني ۾ عزت وارو بڻايو ويو آهي. هن مهيني ۾ اوهان جو ساه کڻڻ تسبيح ۽ سمهڻ عبادت آهي. اوهان جا عمل قبول ۽ دعائون مستجاب آهن. تنهن ڪري اوهان سڀني کي هن مهيني ۾ سچي نيتن ۽ پاڪ دلين سان الله سائين کي ٻاڏائڻ گھرجي ته جيئن اوهان کي هن مهيني جا روزه رکڻ ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. يقينا بد بخت آهي اهو انسان جيڪو هن با برڪت مهيني ۾ الله سائين جي مغفرت کان محروم رهجي وڃي.
قيامت جي يادگيري
وَ اذْكُرُوا بِجُوعِكُمْ وَ عَطَشِكُمْ فِیهِ جُوعَ یَوْمِ الْقِیَامَةِ وَ عَطَشَهُ وَ تَصَدَّقُوا عَلَى فُقَرَائِكُمْ وَ مَسَاكِینِكُمْ وَ وَقِّرُوا كِبَارَكُمْ وَارْحَمُواصِغَارَكُمْ وَ صِلُوا أَرْحَامَكُمْ واحْفَظُوا أَلْسِنَتَكُمْ وَ غُضُّوا عَمَّا لَا یَحِلُّ النَّظَرُ إِلَیْهِ أَبْصَارَكُمْ وَ عَمَّا لَا یَحِلُّ الِاسْتِمَاعُ إِلَیْهِ أَسْمَاعَكُمْ وَ تَحَنَّنُوا عَلَى أَیْتَامِ النَّاسِ یُتَحَنَّنْ عَلَى أَیْتَامِكُمْ.
هن مهيني ۾ روزي رکڻ ڪارڻ جيڪا اوهان کي اڃ ۽ بک لڳندي آهي ان سان قيامت جي ڏهاڙي لڳڻ واري اڃ ۽ بک کي ياد ڪريو ۽ غريبن ، مسڪينن کي صدقو ڏيو، بزرگن جو احترام ڪريو، ننڍڙن تي رحم ڪريو، رشتيدارن سان صله رحم ڪريو، پنهنجي زبانن جي حفاظت ڪريو (کين هر قسم جي برائي کان بچايو) پنهنجي نگاهن کي انهن شين جي ڏسڻ کان بچايو جيڪي جائز ناهن، پنهنجي ڪنن کي اهڙن آوازن جي ٻڌڻ کان بچايو جن جو ٻڌڻ حرام آهي ۽ يتيمن سان اهڙي ريت همدردي ۽ شفقت جو ورتاءُ ڪريو جهڙي ريت اوهان پنهنجن يتيمن لاءِ چاهيو ٿا.
توبه ۽ دعائن جو مهينو
وَ تُوبُوا إِلَى اللَّهِ مِنْ ذُنُوبِكُمْ وَ ارْفَعُوا إِلَیْهِ أَیْدِیَكُمْ بِالدُّعَاءِ فِی أَوْقَاتِ صَلَاتِكُمْ‏فَإِنَّهَا أَفْضَلُ السَّاعَاتِ یَنْظُرُ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ فِیهَا بِالرَّحْمَةِ إِلَى عِبَادِهِ یُجِیبُهُمْ إِذَا نَاجَوْهُ وَ یُلَبِّیهِمْ إِذَا نَادَوْهُ وَ یُعْطِیهِمْ إِذَا سَأَلُوهُ وَ یَسْتَجِیبُ لَهُمْ إِذَا دَعَوْهُ  أَیُّهَا النَّاسُ إِنَّ أَنْفُسَكُمْ مَرْهُونَةٌ بِأَعْمَالِكُمْ فَفُكُّوهَا بِاسْتِغْفَارِكُمْ وَ ظُهُورَكُمْ ثَقِیلَةٌ مِنْ أَوْزَارِكُمْ فَخَفِّفُوا عَنْهَا بِطُولِ سُجُودِكُمْ وَ اعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ أَقْسَمَ بِعِزَّتِهِ أَنْ لَا یُعَذِّبَ الْمُصَلِّینَ وَ السَّاجِدِینَ وَ أَنْ لَا یُرَوِّعَهُمْ بِالنَّارِ یَوْمَ یَقُومُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعَالَمِینَ.
الله سائين جي بارگاه ۾ پنهنجي گناهن کان توبه ڪريو ، نمازن جي وقتن ۾ دعا لاءِ پنهنجي هٿن کي الله سائين جي طرف بلند ڪريو يقينا نمازن جا وقت بهترين وقت آهن جن ۾ الله سائين پنهنجي ٻانهن تي خاص رحمت جي نگاه ڪندوآهي ، ان سان مناجات ڪريو ته جواب ڏيندو آهي ۽ ان کي پڪاريو ته لبيڪ چوندو آهي جڏهن ان کان ڪا شي گھرو ته عطا ڪندو آهي ۽ جڏهن ان کان دعا گھرو ته قبول ڪندو آهي.
اي انسانؤ! بيشڪ اوهان جا نفس اوهان جي عملن سبب (گروي) ڳهه بڻيل آهن انهن کي استغفار ۽ بخشش جي ذريعي آزاد ڪرايو، اوهان جون پٺيون گناهن جي بار سبب ڳوريون آهن ڊگهن سجدن ذريعي انهن جي بار کي هلڪو ڪريو ۽ ڄاڻي وٺو! ته الله سائين پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم کنيو آهي ته هو نمازي ۽ سجدي ڪرڻ واري تي عذاب نه ڪندو ۽ انکي جهنم جي باهه کان نه ڊڄاريندو ان ڏينهن جنهن ڏينهن سڀ جا سڀ الله سائين جي بارگاه ۾ بيٺا هوندا.
روزيدار مومن کي افطار ڪرائڻ جي فضيلت
أَیُّهَا النَّاسُ مَنْ فَطَّرَ مِنْكُمْ صَائِماً مُؤْمِناً فِی هَذَا الشَّهْرِ كَانَ لَهُ بِذَلِكَ عِنْدَ اللَّهِ عِتْقُ نَسَمَةٍ وَ مَغْفِرَةٌ لِمَا مَضَى مِنْ ذُنُوبِهِ، قِیلَ یَا رَسُولَ اللَّهِ فَلَیْسَ كُلُّنَا یَقْدِرُ عَلَى ذَلِكَ فَقَالَ ص اتَّقُوا النَّارَ وَ لَوْ بِشِقِّ تَمْرَةٍ اتَّقُوا النَّارَ وَ لَوْ بِشَرْبَةٍ مِنْ مَاء.
اي انسانؤ! اگر اوهان منجهان جيڪو به هن مهيني ۾ ڪنهن روزيدار مومن کي افطار ڪرائي ته الله سائين ان کي پنهنجي راهه ۾ هڪ غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب عطا ڪندو آهي ۽ ان جي تمام ڪيل گناهن کي بخشيندو آهي. ان وقت پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کي چيو ويو اي الله جا رسول اسان سڀ ته ان عمل کي پوري ڪرڻ جي سگهه نٿا رکون؟ پاڻ فرمايائون: پنهنجي پاڻ کي جهنم کان بچايو ڀلي کڻي اڌ کجور ڏئي ڪري، پنهنجي پاڻ کي جهنم کان نجات ڏياريو ڀلي کڻي هڪ ڍڪ پاڻي ڏئي ڪري.
ڀلي اخلاق ، صله رحم ۽ يتيمن تي احسان ڪرڻ جي فضيلت
أَیُّهَا النَّاسُ مَنْ حَسَّنَ مِنْكُمْ فِی هَذَا الشَّهْرِ خُلُقَهُ كَانَ لَهُ جَوَازاً عَلَى الصِّرَاطِ یَوْمَ تَزِلُّ فِیهِ الْأَقْدَامُ وَ مَنْ خَفَّفَ فِی هَذَا الشَّهْرِ عَمَّا مَلَكَتْ یَمِینُهُ خَفَّفَ اللَّهُ عَلَیْهِ حِسَابَهُ وَ مَنْ كَفَّ فِیهِ شَرَّهُ (كفف ) كَفَّ اللَّهُ عَنْهُ غَضَبَهُ یَوْمَ یَلْقَاهُ وَ مَنْ أَكْرَمَ فِیهِ یَتِیماً أَكْرَمَهُ اللَّهُ یَوْمَ یَلْقَاهُ  وَ مَنْ وَصَلَ فِیهِ رَحِمَهُ وَصَلَهُ اللَّهُ بِرَحْمَتِهِ یَوْمَ یَلْقَاهُ وَ مَنْ قَطَعَ فِیهِ رَحِمَهُ قَطَعَ اللَّهُ عَنْهُ رَحْمَتَهُ یَوْمَ یَلْقَاهُ.
اي انسانؤ! اوهان منجهان جيڪو به هن مهيني ۾ پنهنجي اخلاق کي سٺو ۽ نيڪ بڻائيندو اهو ان ڏهاڙي آساني سان پل صراط کان لنگھي ويندو جنهن ڏهاڙي ماڻهن جا قدم لرزندا ۽ جيڪو هن مهيني ۾ پنهنجي ما تحت تي نرمي ڪندو ته الله سائين قيامت جي ڏهاڙي ان جي حساب ۾ نرمي ڪندو ۽ اگر ڪوئي هن مهيني ۾ ٻين کي اذيت نه ڏيندو ته قيامت جي ڏهاڙي الله سائين ان کي پنهنجي غيض ۽  غضب کان محفوظ رکندو ۽ اگر ڪوئي هن مهيني ۾ ڪنهن يتيم جي عزت ڪري ته الله سائين قيامت جي ڏهاڙي ان جي عزت ڪندو ۽ اگر ڪوئي هن مهيني ۾ پنهنجي رشتيدارن سان صله رحم ڪندو ته الله سائين قيامت جي ڏهاڙي ان کي پنهنجي رحمت سان ملائيندو ۽ جيڪو هن مهيني ۾ پنهنجي رشتيدارن سان قطع رحم ڪندو ته الله سائين قيامت جي ڏهاڙي ان کان پنهنجي رحمت پري ڪندو.
نماز پڙهڻ ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ جي فضيلت
وَ مَنْ تَطَوَّعَ فِیهِ بِصَلَاةٍ كَتَبَ اللَّهُ لَهُ بَرَاءَةً مِنَ النَّارِ وَ مَنْ أَدَّى فِیهِ فَرْضاً كَانَ لَهُ ثَوَابُ مَنْ أَدَّى سَبْعِینَ فَرِیضَةً فِیمَا سِوَاهُ مِنَ الشُّهُورِ  وَ مَنْ أَكْثَرَ فِیهِ مِنَ الصَّلَاةِ عَلَیَّ ثَقَّلَ اللَّهُ مِیزَانَهُ یَوْمَ تَخِفُّ الْمَوَازِینُ وَ مَنْ تَلَا فِیهِ آیَةً مِنَ الْقُرْآنِ كَانَ لَهُ مِثْلُ أَجْرِ مَنْ خَتَمَ الْقُرْآنَ فِی غَیْرِهِ مِنَ الشُّهُورِ.
جيڪو هن مهيني ۾ مستحب نماز ادا ڪندو ته الله سائين ان کي جهنم کان نجات ڏيندو ۽ جيڪو هن مهيني ۾ واجب نماز ادا ڪندو ته الله سائين ان کي ٻين مهينن ۾ ستر نمازون پڙهڻ جيترو ثواب عطا ڪندو ۽ جيڪو هن مهيني ۾ مون تي گھڻي ۾ گھڻي صلوات پڙهندو ته قيامت جي ڏهاڙي جنهن ڏهاڙي ماڻهن جي عملن جو پلڙو هلڪو هوندو الله سائين ان جي نيڪ عملن جي پلڙي کي وزني بڻائيندو ۽ جيڪو هن مهيني ۾ قرآن مجيد جي هڪ آيت جي تلاوت ڪندو ته ان کي ٻين مهينن ۾ ختم قرآن ڪرڻ جيترو ثواب ملندو.
شيطان جي گرفتاري
أَیُّهَا النَّاسُ إِنَّ أَبْوَابَ الْجِنَانِ فِی هَذَا الشَّهْرِ مُفَتَّحَةٌ فَاسْأَلُوا رَبَّكُمْ أَنْ لَا یُغَلِّقَهَا عَنْكُمْ وَ أَبْوَابَ النِّیرَانِ مُغَلَّقَةٌ فَاسْأَلُوا رَبَّكُمْ أَنْ لَا یُفَتِّحَهَا عَلَیْكُمْ وَالشَّیَاطِینَ مَغْلُولَةٌ فَاسْأَلُوا رَبَّكُمْ أَنْ لَا یُسَلِّطَهَا عَلَیْكُمْ.
اي انسانؤ! يقينا هن مهيني ۾ جنت جا دروازا کوليا ويا آهن پنهنجي پالڻهار کان گُهر ڪريو ته هنن کي اوهان مٿان بند نه ڪري ۽ هن مهيني ۾ جهنم جا دروازا بند ڪيا ويا آهن پنهنجي پالڻهار کان گُهر ڪريو ته اوهان لاءِ هنن کي نه کولي ۽ هن مهيني ۾ شيطانن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پنهنجي پالڻهار کان گُهر ڪريو ته هنن کي توهان مٿان مسلط نه ڪري.
هن مهيني ۾ سڀ کان ڀلو عمل
قَالَ أَمِیرُ الْمُؤْمِنِینَ علیه السلام فَقُمْتُ فَقُلْتُ یَا رَسُولَ اللَّهِ مَا أَفْضَلُ الْأَعْمَالِ فِی هَذَا الشَّهْرِ؟ فَقَالَ یَا أَبَا الْحَسَنِ أَفْضَلُ الْأَعْمَالِ فِی هَذَا الشَّهْرِ الْوَرَعُ عَنْ مَحَارِمِ اللَّهِ.
اميرالمومنين علي عليه السلام فرمائن ٿا: مان بيهي رهيم ۽ عرض ڪيم اي الله جا رسول هن مهيني ۾ سڀ کان ڀلو عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: اي ابا الحسن هن مهيني ۾ سڀ کان ڀلو عمل الله سائين جي حرام ڪيل ڪمن کان پرهيز ڪرڻ.
حضرت امام علي عليه السلام کي شهادت جي بشارت
ثمّ بَکَی، فَقلتُ: یا رسولَ اللهِ ما یَبکِیکَ؟فقالَ یا علیّ، أبکی لِما یَستحلّ مِنک فی هذا الشّهر.کأنّی بِکَ وَ أنتَ تُصلّی لِرَبّکَ وَ قد انبَعَثَ أشقَی الأولینَ شَقیقَ عاقِرِ ناقَهِ ثمود، فَضَرَبَکَ ضربَةً علَی قَرَنِکَ فَخَضّبَ منها لِحیتَکَ، قالَ امیرُالمؤمنینَ علیه السّلام: فَقلتُ: یا رسولَ اللهِ، و ذلکَ فی سَلامَةٍ مِن دِینی؟فقال صلی الله علیه و آله: فی سلامة من دینک.
ان کان پوءِ پاڻ سڳورا صه روئڻ لڳا مون عرض ڪيو اي الله جا رسول اوهان کي ڪهڙي شي روئاريو آهي؟ فرمايائون: اي علي عه مان ان لاءِ روئي رهيو آهيان جو هن مهيني ۾ تنهنجو رت وهايو ويندو ( هن مهيني ۾ توکي شهيد ڪيو ويندو) ڄڻ ته مان تنهنجي شهادت جي منظر کي ڏسي رهيو آهيان ان وقت تون پنهنجي پالڻهار لاءِ نماز ۾ مصروف هوندين، ان وقت صالح (نبي) جي ڏاچي کي شهيد ڪرڻ واري شقي ۽ بدبخت ۽ گذريل بدبختن کان وڌيڪ شقي ۽ بدبخت ماڻهو تنهنجي پيشاني تي هڪ حملو ڪندو جنهن ڪارڻ تنهنجي ڏاڙهي رت سان رنگين ٿي ويندي.
اميرالمومنين علي عليه السلام فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو اي الله جا رسول ڇا ان وقت منهنجو دين صحيح ۽ سالم هوندو؟ فرمايائون: ها ان وقت تنهنجو دين سالم هوندو.
حضرت علي عليه السلام پيغبمراسلام (ص) جو نفس
ثمّ قالَ صلّی الله علیه و آله: یا علیّ، مَن قَتلکَ فَقد قَتلَنِی،و مَن أبغَضَکَ فَقَد أبغَضَنی،و مَن سَبّکَ فَقَد سَبّنِی، لأنّکَ مِنّی کَنَفسِی، روحُکَ مِن روحی، و طِینتُکَ مِن طینتِی، إنّ الله تبارک و تعالی خَلقنِی و ایّاکَ،و أصطَفانِی وَ ایّاکَ،و أختارَنی للنبوّة، وَ أختارَکَ لِلإمامَةِ،و مَن أنکَرَ امامَتَکَ فَقَد أنکَرَ نُبُوّتِی.
ان کان پوءِ پاڻ سڳورن صه جن فرمايو: اي علي جنهن توکي قتل ڪيو ان مون کي قتل ڪيو ۽ جنهن توسان بغض رکيو ۽ دشمني ڪئي حقيقت ۾ ان مون سان بغض رکيو ۽ دشمني ڪئي ۽ جيڪو توکي گھٽ وڌ چئي ان مون کي گھٽ وڌ چيو، ڇو ته تون مون منجهان ائين آهين جيئن منهنجو نفس. تنهنجي روح منهنجي روح منجهان آهي ۽ تنهنجي مٽي منهنجي مٽي منجهان آهي يقينا الله سائين اسان ٻنهي کي خلق ڪيو ۽ اسان ٻنهي کي چونڊيو، مون کي نبوت لاءِ ۽ توکي امامت لاءِ اگر ڪوئي تنهنجي امامت جو انڪار ڪري ته ان منهنجي نبوت جو انڪار ڪيو.
حضرت علي عليه السلام پيغمبر اسلام (ص) جو خليفو ۽ جانشين آهي
يَا عَلِيُّ أَنْتَ وَصِيِّي وَ أَبُو وُلْدِي وَ زَوْجُ ابْنَتِي وَ خَلِيفَتِي عَلَى أُمَّتِي فِي حَيَاتِي وَ بَعْدَ مَوْتِي أَمْرُكَ أَمْرِي وَ نَهْيُكَ نَهْيِي أُقْسِمُ بِالَّذِي بَعَثَنِي بِالنُّبُوَّةِ وَ جَعَلَنِي خَيْرَ الْبَرِيَّةِ إِنَّكَ لَحُجَّةُ اللَّهِ عَلَى خَلْقِهِ وَ أَمِينُهُ عَلَى سِرِّهِ وَ خَلِيفَتُهُ عَلَى عِبَادِهِ.
اي علي (عليه السلام) تون منهنجو جانشين ۽ خليفو آهين، تون منهنجي بچڙن جو پيءَ منهنجي ڌي جو همسفر  ۽ منهنجي زندگي ۾ به ۽ منهنجي دنيا کان لاڏاڻي کان پوءِ به منهنجي امت ۾ منهنجو جانشين ۽ خليفو آهين. تنهنجو حڪم منهنجو حڪم. تنهنجو منع ڪرڻ منهنجو منع ڪرڻ آهي.
ان ذات جو قسم جنهن مون کي نبوت عطا ڪئي آهي ۽ مون کي سڀني انسانن کان بهتر قرار ڏنو آهي يقينا تون الله سائين جي مخلوقات تي الله جي حجت آهين ۽ الله جي رازن جو امين آهين ۽ ان جي ٻانهن تي ان جو خليفو آهين.
هي خطبو هيٺ ڏنل ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل آهي
1: شيخ صدوق، عيون اخبار الرضا ج 1 ص 295
2: شيخ صدوق، امالي ص 93
3: شيخ صدوق، فضائل الاشهر الثلاثه ص 77
4: نيشاپوري، روضة الواعظين ج 2 ص 345
5: حر عاملي، وسائل الشيعه ج 10 ص 314
6: السيد ابن طاووس الحسني، الاقبال ص 2
7: مجلسي محمد باقر ، بحار الانوار ج 93 ص 356  
8: مصباح الکفعمي ص 633
9: عباس قمي، مفاتيح الجنان ( ترجمه استاد مهدي الاهي ) ص 313

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: