Ad 468 X 60

08/07/2014

محسنه اسلام ام المومنين حضرت بيبي خديجة الڪبرى جي زندگي


مهاڳ:

رمضان المبارڪ مهينو جيڪو سڀني مسلمانن لاءِ رحمتن ، مغفرتن ۽ بخششن جي سوغات کڻي آيو آهي، سڀني مهينن ۾ ڀلوڙ مهينو جنهن ۾ جنت جا دروازا کوليا ويا، جهنم جي دروازن کي بند ڪيو ويو ۽ انسان دشمن شيطان کي قيد ڪيو ويو.

هي مهينو جهڙي ريت ساڻ خوشيون کڻي آيو آهي تهڙي ريت غمن جي داستانن سان به ڀريل آهي. هن مهيني ۾ دنيا جي عظيم هستين جهڙوڪ: ام المومنين حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها جي وفات ۽ حضرت علي عليه السلام جي شهادت پڻ آهي.

اڄ اسان هن مختصر لکڻي ۾ محسنه اسلام ام المومنين حضرت بيبي خديجة الڪبري (س) جي فضيلتن جي دريا مان ڪجه انمول موتي پيش ڪنداسين ۽ فضيلتن جي انهن رخن تي روشني وجهنداسين، جيڪي پاڻ سڳورن (ص) سان سندن محبت، وفاداري ۽ ايمان جي جذبي کي اجاگر ڪن ٿا.

ولادت

سائڻ خديجه سلام الله عليها عام الفيل کان 15 سال ۽ هجرت کان 68 سال پهريان مڪي مڪرمه ۾ اک کولي ۽ 65 سال جي شرافت ۽ عظمت سان ڀريل زندگي گذاري.

عمده نسلي

حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها جي والدبزرگوار خويلد بن اسد بن عبدالعزي بن قصي ۽ امڙ فاطمه بنت زائد جو نسب ڪجھ پيڙهن سان لوي بن غالب تائين پهچي ٿو جيڪو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي وڏڙن منجهان هڪ آهي، ان ڪري سندن  پيءَ ۽ ماءُ جي طرفان پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي هم نسب آهن.(1)

سندن حسب ، نسب ۽ طهارت جزيرة العرب خاص طور قريش ۾ مڙني کان مٿانهون هو. پاڻ  هڪ عقلمند، گهري سوچ رکندڙ ، پاڪيزه روح جي مالڪ ۽ قريش جي شاهوڪار خاتون هئي ۽ اسلام کان اڳ به طاهره جي لقب سان مشهور هئي.

اهڙي طريقي سان سندن تاريخ اسلام توڙي غير مسلم ليکڪن به پڻ سٺن گڻن سان ذڪر ڪيو آهي.

تجارت
پاڻ پنهنجي جواني ۾ پڻ حجاز ۽ عرب جي مشهور عورتن ۾ شمار ٿيندي هئي ۽ عربن ۾ واپار ڪرڻ واري پهرين عورت هئي جيڪا عربستان جي سڀ کان وڏي مالدار خاتون سمجهي ويندي هئي، جنهن وٽ تقريبن 8000 (اٺ هزار) اُٺ هئا ۽ سندس واپاري قافلا ڏينهن رات طائف، يمن، شام، مصر ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اچ وڃ ۾ رُڌل هئا. ڪيترائي نوڪر ڪاروبار جي سار سنڀال ۾ لڳل هوندا هئا ۽ سندس شمار وڏن واپارين منجھ ٿيندو هو.

انهن تمام گڻن سان گڏو گڏ تجارت جي معاملي ۾ به انسانيت جو خاص خيال رکيو ۽ پنهنجي تجارت کي در آمد جو ذريعو نه بڻايو ته جنهن به طريقي يا وسيلي سان اها حاصل ٿئي. سندن اها ڪوشش رهندي هئي ته پنهنجي تجارت کي هر قسم جي برائين کان پري رکيو وڃي مثلا مهانگو وڪڻڻ يا تور ۾ گھٽتائي ڪرڻ ۽ وياج  جهڙي برائي. 

سندس سڀني انساني فضيلتن ۽ روحاني ڪمالن جي مالڪ هئي، اهي فضيلتون ۽ ڪمال ئي رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم سان ڳنڍجڻ جو سبب بڻيا

شادي

سائڻ خديجه سلام الله عليها جڏهن شام جي تجارتي سفر ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي اعلى اخلاقي صفتن کان آگاھ ٿي ، يهودي ۽ عيسائي عالمن کان نبوت ۽ رسالت جون خبرون ٻڌيون ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم سان اُڪير (دِل جي ڇِڪَ ) ٿي پين ۽ ساڻن محبت سان پنهنجو مقام ۽ مرتبو وڌايائون، پوءِ اها ڪوشش ڪئي ته پنهنجو سڀ ڪجھ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم تان نثار ڪري ڇڏين، آخرڪار سندن پنهنجي هڪ ٻانهيءَ يا ٻيءَ قول مطابق پنهنجي ڀيڻ کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ موڪليو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جو اظهار ڪيو.(2)

بني عبدالمطلب وڏي شان ۽ شوڪت سان بيبي خديجه (س) جي گهر پهتا ۽ حضرت ابو طالب عليه السلام نڪاح جو خطبو پڙهيو.(3) ۽ اهڙي طرح بعثت کان 15 سال پهرين 10 ربيع الاول تي الله سائين جي چونڊيل هستيءَ ، عالمين جي لاءِ رحمت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي خدمت ۾ آئي ۽ فرمايو: سيدي الى بيتك بيتي بيتك و انا جاريتك.(4) اي منهنجا سردار پنهنجي گهر هليا اچو، منهنجو گهر اوهان جو گهر آهي ۽ آءٌ اوهان جي ٻانهي آهيان.

رسول اڪرم (ص) جي نبوت جي اعلان کان پهريان

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي ظاهري نبوت ملڻ کان پهرين حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها پنهنجي جد بزرگوار حضرت ابراهيم عليه الاسلام جي آئين جي پيروڪار هئي ، ٻين لفظن ۾ اڃي چئجي ته ”دين اسلام“ جي پيروڪار هئي.

پاڻ سڳورن (ص) تي ايمان

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نبوت جي پهرين ڏينهن بيبي، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي آئينِ پيغمبري کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيئن ته حديثن ۾ ملي ٿو ته ، مردن ۾ سڀني کان پهرين پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تي ايمان آڻڻ وارا حضرت مولا علي ابن ابي طالب عليهما السلام ۽ عورتن ۾ سڀني کان پهرين حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها هئي. (5)

ايمان آڻڻ جو بيان

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم نبوت جي پهرين ڏينهن غار حرا مان واپس موٽي رهيا هئا ته قريش جي عورتن جي سردار حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي استقبال لاءِ اڳتي وڌي ۽ عرض ڪرڻ لڳي توهان جي جبين(نرڙ) تي ڪهڙو نور آهي؟  پاڻ فرمايائون ته هي نبوت جو نور آهي ۽ پوءِ  پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، حضرت بيبي خديجه سلام الله عليها کي اسلام جا ارڪان ٻڌايا ۽ بغير ڪنهن دير جي سندن چوڻ لڳي ” آمنت و صدقت و رضيت و سلمت“  مان توهان تي ايمان آندو ۽ مان توهان جي پيغمبري جي تصديق ڪريان ٿي ۽ مان اسلام جي آئين مان راضي آهيان ۽ ان کي تسليم ڪريان ٿي.(6)

دنيا ۾ سڀني کان پهرين مسلمان عورت

هر دور ۾ هزارن جي تعداد  ۾  عورتون دين مبين اسلام کان مشرف ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن پر جهڙي ريت حضرت بيبي خديجةالڪبرى سلام الله عليها سڀني عورتن کان پهريان دين اسلام قبول ڪيو ، فضائل ۽ مناقب جا باب کوليا ۽ سڄي عالم ۾ اسلام جي لاءِ افتخار جو سبب بڻيون هي خدمتون سندس تاريخ جي سنهري صفحات ۾ لکيل آهن.

ڪجھ خصوصيتن تي نگاه

(1) فداڪاري

الله سائين قرآن مجيد ۾ بيبي خديجه (س) کي فداڪار، احسان ۽ نيڪي ڪندڙ بيبي طور ياد ڪيو آهي. الله سائين جو ارشاد ٿئي ٿو: ووجدک عائلاً فاغنى(7)

۽ (اي رسول! تنهنجي پالڻهار) توکي تنگدست ڏٺو ته توکي بي نياز ڪيائين.

 تفسير ڪندڙن بيان ڪيو آهي ته هي آيت بيبي خديجه (س) جي شان ۾ نازل ٿي آهي ڇو جو  ”عائل“ لفظ جي معنى تنگدست ڪئي وئي آهي ۽ الله سائين پيغمبر اسلام کي حضرت خديجه (س) وسيلي جيڪا ملڪيت عطا ڪئي تنهن مان پاڻ ثروت مند ٿي ويا.(8)

(2) عفت ۽ پارسائي

قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: مَنْ عَمِلَ صالِحاً مِنْ ذَكَرٍ أَوْ أُنْثى‏ وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَلَنُحْيِيَنَّهُ حَياةً طَيِّبَة.(9)

جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مرد ھُجي يا عورت ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون.

قرآن ڪريم پاڪ زندگي جي ماڻڻ لاءِ نيڪ عمل، پاڪدامني ۽ ايمان کي لازم قرار ڏنو آهي ۽ اهي سڀئي خاصيتون سندن سيرت ۾ اسان کي چٽيون ۽ واضح ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جڏهن ته اسلام کان اڳ ۾ به سائڻ جي عفت ۽ پاڪدامني نموني عمل هئي ۽ سائڻ طاهره جي لقب سان مشهور هئي، هر عام ۽ خاص جي زبان تي سندس فضائل ۽ خاصيتون هيون ان جي باوجود جو اڻ مَئي مال جي مالڪ هئي ۽ ڪيترائي ماڻهو وٽس رشتو کڻي آيا پر خدا جي عشق سان ٽمٽار دل عفت ۽ پاڪدامني واري زندگي گذاري ڇڏي ۽ اها ئي عفت ۽ پاڪدامني سندن حيات طيبه يا پاڪيزه زندگي جو سبب بڻي.

(3) روحاني رهاڻ

قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَ ابْتَغُوا إِلَيْهِ الْوَسيلَة.(10)

اي ايمان وارو خدا (جي مخالفت) کان ڊڄو ۽ ان جي قريب ٿيڻ جو وسيلو تلاش ڪريو.

شادي هڪ اهڙو ته معنوي ۽ روحاني پيچ آهي جنهن جي ذريعي سائڻ سلام الله عليها، رسول اڪرم(ص) جي زندگيءَ ۾ شامل ٿي. ڪجھ روحاني سببن جي ڪري سائڻ جي رسول اڪرم(ص) سان شادي ٿي ۽ انهن جي شادي ۾ ڪنهن به مادي سبب جو عمل دخل نه هو. سائڻ جڏهن رسول(ص) جي اخلاق. ڪردار ۽ اعلى صفتن کان آگاه ٿي ته کين پنهنجي شادي جي لاءِ چونڊيو ۽ جڏهن نڪاح جو خطبو پڙهندي حضرت ابو طالب عليه السلام بني هاشم جا فضائل بيان ڪيا ته سائڻ جي سوٽ ورقه ابن نوفل چيو ڪير به توهان جي فضائل جو انڪاري نه آهي اسان دل جي گهراين سان چاهيون ٿا ته توهان جي شرافت واري رسي سان ڳنڊجي پئون.(15) ان روحاني شادي جو ثمر خلقت جي ناياب گوهر، ڪوثر قرآن، سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي روپ ۾ رونما ٿيو . انهيءَ املھ ماڻڪ ۽ سندس اولاد جي نور سان پوري ڪائنات نوراني آهي.

(4) نماز قائم ڪرڻ

جئين ته قرآن فرمائي ٿو: وَ لكِنَّ الْبِرَّ ... وَ أَقامَ الصَّلاةَ وَ آتَى الزَّكاة (11)

بلڪه نيڪي اها آهي ته....نماز قائم ڪري ۽ زڪات ادا ڪري.

ساڻن عظمت وارو ايماني جلوو نماز قائم ڪرڻ جي روپ ۾ پڻ جلوي گير ٿيو. رسول اڪرم(ص) جي ذات تي پختي ايمان کان پوءِ سائڻ خديجه(س) حضرت علي عليه السلام ۽ زيد بن حارثه سان گڏجي رسول اڪرم جي امامت ۾ نماز جماعت ادا ڪئي ۽ نماز قائم ڪرڻ کي پنهنجي سڀ کان پهرين ذميواري سمجهندي هئي.

(5) صبر ۽ ثابت قدمي

سائڻ جي زندگي جي ٻين مشهور نڪتن مان رسول جي مقصدن تائين پهچڻ واري راھ ۾ بيبي جي ثابت قدمي ۽ صبر آهي. جهڙي ريت قرآن ڪريم فرمائي ٿو:“يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا اصْبِرُوا وَ صابِرُوا وَ رابِطُوا وَ اتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُون‏”(12) اي ايمان وارو صبر ڪريو ۽ دشمنن جي مقابلي م استقامت ڪريو ۽ خدا کان ڊڄو شايد توهان سوڀ ماڻيو.

سائڻ خديجه(س) جو ان حال ۾ پيغمبر اڪرم(ص) سان وفادار هجڻ جڏهن مشرڪن سندن ڳالھ قبول نه پئي ڪئي پيغمبر(ص) جي قلب جي قوت جو سبب پئي بڻيو ۽ سائڻ جو ان سان ساٿ ماڻهن کي خدا ڏانهن سڏڻ وقت سندن ثابت قدمي جو سبب پئي بڻيو.

(6) حقيقت جو اعتراف

سائڻ جي هڪ خصوصيت اها هئي جو پيغمبر اڪرم (ص) کي حقيقت جي نگاهه سان سڃاڻي مٿس ايمان آندائين ۽ دنيا جي ڪنهن به دوکي ۾ نه آئي، هيءُ بيبي انسان ڪامل جي خاصيتن کان چڱي ريت واقف هئي ۽ جڏهن معرفت جي نگاھ سان پاڻ سڳورن (ص) ۾ اهي خاصيتون ڏٺائين، ته نه رڳو پنهنجي زندگي سندن خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين پر جيڪا ملڪيت هيس اها پاڻ سڳورن (ص) جي مشن تي خرچ ڪري ڇڏيائين، هن بيبي ان رستي کي اختيار ڪندي جاهليت واري دور جي سڀني ريتن ۽ رسمن کي ٺڪرائي ڇڏيو، ايتري قدر جو کين راھ ۾ تمام وڏي قيمت به ادا ڪرڻي پئي، جنهن جو هڪ مثال سائڻ زهرا سلام الله عليها جي ولادت تائين عورتن جو ساڻن رابطو ختم ڪري ڇڏڻ هو.

بيبي خديجه(س)  ايڏي ته معرفت واري نگاهه جي مالڪ هئي، جو جڏهن سڳورن (ص) کي کيس شادي جي پيشڪش ڪئي ته هيءُ جملا ادا ڪيائين.

یابن عم انی رغبت فیک لقرابتک و سعلتک فی قومک و امانتک و حسن خلقک و صدق حدیثک“(13)

اي منهنجا سئوٽ مان تنهنجي مائٽي، تنهنجي قوم جي درميان پاڪدامني، امانتداري، خوش اخلاقي ۽ سچائي ڏسي ڪري تو سان زندگي گذارڻ جو شوق پيدا ڪيو آهي.

پاڻ سڳورن (ص) جن سان شادي ڪرڻ کان ٿوري عرصي بعد ئي عرب جاهليت واري زماني جي رسم و رواج تي فخر ڪندڙ عورتون سندن خلاف ڳالهائڻ لڳيون ۽ پاڻ سڳورن (ص) سان شادي ڪرڻ تي عيب ڪڍڻ لڳيون ۽ اهو چوڻ شروع ڪيائون ته خديجه (س) هڪ يتيم ۽ محتاج سان شادي ڪئي آهي، تنهن تي بيبي خديجه (س) عرب جي عورتن کي گهرائي کين مانجهاندي جي دعوت ڏني، جڏهن سڀ عورتون آيون ته بيبي کين مخاطب ٿيندي فرمايو ته: مون ٻڌو آهي توهان ۽ توهان جا شوهر! منهنجي محمد (ص) سان شادي ڪرڻ تي تعجب ڪري عيب ڪڍو ٿا، مان توهان کان پڇان ٿي ته ڇا توهان منجهان ڪو محمد (ص) جو ”برابر“ آهي؟ ڇا توهان کي مڪي ۽ ان جي آسپاس ۾ محمد (ص) جهڙو ڪو نيڪ ۽ با اخلاق سُجھي ٿو؟ مون هن سان شادي سندس اخلاق ۽ فضيلت ڏسي ڪئي آهي، مون اهڙيون خوبيون هن ۾ ڏٺيون آهن جيڪي تمام بهترين آهن.

قريش جون عورتون حضرت خديجه(س) جي ڳالهين کان پوءِ خاموش ٿي، آهسته آهسته اتان هليون ويون.(14)

سائڻ جي ان منطقي ۽ عقلي گفتگو کان پوءِ به انهن عورتن ساڻن اهو وير برقرار رکيو ايتري تائين جو جڏهن بيبي فاطمه زهرا سلام الله عليها جي ولادت جو وقت آيو تڏهن به انهن سڀني گڏجي اهو نياپو موڪليو ته تو اسان جي مرضي جي خلاف شادي ڪئي هئي ان ڪري اسان تنهنجي ڪا به مدد نه ڪنديون سين، تنهن تي بيبي خديجه (س) جي دل آزاري ٿي، ان وقت الله سائين جي حڪم سان چار بيبيون (بيبي ساره، بيبي آسيه، بيبي مريم، بيبي صفورا بنت شعيب پيغمبر) سندن مدد لاءِ آيون ۽ فاطمه زهرا (س) جي ولادت ٿي.

(7) رسول  خدا (ص) جي خوشي ۾ خوش رهڻ

بيبي خديجه (س) جي پوري ڪوشش اها هوندي هئي ته گهر جي ڪمن کي رسول خدا (ص) جي مرضي مطابق هلائين، ڇو جو پاڻ سڳورا (ص) عبادت کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا هئا تنهن ڪري بيبي اهڙي طريقي سان زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندي هئي جو پاڻ سڳورا (ص) آرام سان عبادت ڪري سگهن ۽ بيبي جو هجڻ سندن عبادت ۾ رڪاوٽ نه بڻجي.

پاڻ سڳورا (ص) رسالت جي اعلان کان پهريان هر مهيني ڪجهه وقت ۽ هر سال رمضان المبارڪ جو مهينو غار حرا ۾ عبادت ڪندي گذاريندا هئا(15) ۽ اهو عمل شادي کان پوءِ به جاري رهيو.

بيبي خديجه (س) کين ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻي ۽ وڏي شوق سان کانئن خداحافظي ڪرڻ لاءِ ايندي هئي ۽ حضرت علي عليه السلام سان کين کاڌو ڏياري موڪليندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ به مولاءِ ڪائنات سان گڏجي سندن ديدار لاءِ ايندي هئي.

(8) حضرت علي عليه السلام جي گواهي

ماه مبارڪ رمضان جي ڏهين تاريخ هئي پاڻ سڳورن (ص) حضرت خديجه (س) کي سڏيو ۽ پنهنجي ڀرسان ويهاريائين ۽ فرمايائين: هي جبرائيل امين آهي ۽ چئي ٿو: دين اسلام جي لاءِ ڪجھ شرطون آهن جهڙوڪ: الله سائين جي وحدانيت جو اقرار،  نبين جي رسالت جو اقرار، قيامت ، شريعت جي اصولن ۽ احڪامن جو اقرار ، اولي الامر جي اطاعت ۽ سڀني ائمه طاهرين جي اطاعت جيڪي تنهنجي اولاد منجھان هوندا ۽ انهن جي دشمنن کان بيزاري جو اقرار. سائڻ سڀني شين جو اقرار ڪيو ۽ ائمه طاهرين جي تصديق ڪئي خاص ڪري حضرت علي عليه السلام جي. پوءِ پيغمبر فرمايو: هو مولاک و مولي المومنين و امامهم بعدي. هي تنهنجو آقا آهي ۽ تمام مومنين جو آقا آهي ۽ مون کان پوءِ  تمام مومنين جو امام آهي. ان مقام تي رسول خدا (ص) جناب خديجه کان واعدو ورتو ۽ تاڪيد فرمايائين ته علي (ع) جي ولايت کي قبول ڪري. پوءِ اصول دين ۽ فروع دين کي هڪ هڪ ڪري پاڻ سڳورن (ص) بيان ڪيو ايسيتائين جو وضو جا آداب ، نماز ، روزو ، حج ، جهاد ، صله رحم، واجبات ۽ محرمات به بيان فرمايائين پوءِ پاڻ سڳورن (ص) پنهنجو هڪ هٿ علي عليه السلام جي هٿ ۾ وڌو ۽ جناب خديجه (س) پنهنجو هٿ رسول خدا جي هٿ ۾ وڌو ۽ ان نموني سان حضرت علي عليه السلام جي بيعت ڪيائين(16)

مالڪ حقيقي ڏانهن موٽ

جڏهن سائڻ تي موت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا رسول خدا (ص) کان مخاطب ٿيندي عرض ڪيائين: يا رسول الله اعف عني ان قصرت في حقک. اي الله سائين جا رسول اگر توهان جي حق ۾ مون کان ڪا ڪوتاهي ٿي وئي هجي ته مون کي معاف ڪجو! پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: حاشا، ما رايت منک الا خيرا، وقد سعيک کل سعيک ، وتحمک الاذي ، وبذلک مالک في سبيل الله. مان تون ۾ ڀلائي کان علاوه ڪجھ ناهي ڏٺو ۽ تنهنجي ڪوشش پوري ڪوشش هئي ۽ تو اذيتون برداشت ڪيون ۽ تو پنهنجو پورو مال الله سائين جي راه ۾ خرچ ڪيو سائڻ عرض ڪيو: يا رسول لله اوصيک بهذا. مان توکي هن جي وصيت ڪيان ٿي ۽ پنهنجي ڌي فاطمه زهرا (س) ڏانهن اشارو ڪيائين (17)

ام المومنين حضرت بيبي خديجة الڪبرى سلام الله عيلها جي وفات جي باري ۾ اختلاف آهي ليڪن جيڪو قول ڪثرت سان مشهور آهي اهو هي آهي ته سندس وفات ماه مبارڪ رمضان جي ڏهين تاريخ بعثت جي ڏهين سال حضرت ابو طالب عليه السلام جي وفات کان 45 ڏينهن بعد (18) 65 سال جي ڄمار ۾ ٿي.

اهو ڏکوئيندڙ واقعو حضرت ابوطالب عليه السلام جي وفات کان ٿورڙي عرصي (45 ڏينهن ) بعد پيش آيو تنهن ڪري نبي اڪرم (ص) ان سال کي ”عام الحزن“ ( ڏک جو سال ) جو نالو ڏنو ۽ علامه مجلسي جي نقل مطابق ان واقعي کان پوءِ پاڻ سڳورا (ص) گهر کان تمام گهٽ ٻاهر نڪرندا هئا.(19)

سائڻ بابت پيغمبر اڪرم (ص) جو حديثون

پيغمبر اڪرم (ص) جي گھڻين ئي حديثن ۾ بيبي خديجه (س) جو ذڪر ٿيو آهي پر انهن مان ڪجھ ثواب خاطر توهان جي سامهون پيش ڪيون پيا۔
 الله سائين  هر ڏينهن بيبي خديجه (س) جي وجود مبارڪ سان فرشتن تي فخر ڪندو آهي۔(20)
 بيبي خديجه (س) مون تي ان وقت ايمان آندو جنهن وقت سڀ ڪفر جي وادي ۾ هئا ، ان وقت منهنجي تصديق ڪئي جنهن وقت سڀ انڪار ڪري رهيا هئا۔
ان وقت پنهنجي سڄي دولت منهنجي حوالي ڪيائين جنهن وقت مون وٽ ڪجھ به نه هو ۽ ان جي ذريعي خدا مون کي صاحب اولاد ڪيو.(21)
 بيبي خديجه (س) کي خدا ۽ ان جي رسول تي عورتون ۾ سڀ کان پهرين ايمان آڻڻ ۾ سبقت حاصل آهي۔(22)
 بيبي خديجه (س) مطهر مومنين ۾ سڀ کان بهتر و برتر ۽ دنيا جي عورتون جي سردار آهي۔(23)
 بيبي خديجه (س) جي چاهڻ وارن کي مان چاهيان ٿو۔(24)

.....................................................................

حوالا :

(1) شيخ عباس قمي، سفينه البحار، ج 1 ، ص 279

(2) محمد تقي مجلسي، بحار الانوار، بيروت ص379

(3) محمد تقي مجلسي، بحار الانوا ر، ج 16، ص20

(4) بحارالانوار ج16 ص80

 (5) شيخ طوسي، الامالي ص 259

(6) علامه مجلسي بحارالانوار، ج18، ص232

(7) سوره ضحى، آيت8

(8) تفسر الميزان، ج20 ، ص311

(9) رياحين الشريعة، تهران، دارالڪتب الاسلامية، ج2، ص207

 (10)علي اڪبر ، تحليل سيده فاطمه زهرا، ص37

 (11) سوره بقره، آيت 177

 (12) سوره آلعمران، آيت200

(13) سيره نبوي، ابن هشام، ج 1، ص 201; تاريخ طبري، ج 1، ص521

(14) بحارالانوار، ج 16، ص 81; ج 103، ص374

 (15) شرح نهج‏البلاغه، ابن ابي الحديد، ج 13، ص 208

 (16) بحارانوار ج18 ص232 تقويم الشيعه ص331

(17) شجره طوبي ج2 ص235

(18) تقويم الشيعه ص329

(19) تفسير الميزان ج 19، ص21

(20) علامه مجلسي ، بحارالانوار ، ج5 ،ص243 
(21)
ذهبي، سيراعلامه النبلاء ،ج2 ، ص82
(22)
حاڪم، مستدرڪ صحيحين، ج2 ص720
(23)
سيلاوي، الانوارالساطعه، ص7
(24)
محلاتي، رياهين العلوم، ج2 ص359. 

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo