Ad 468 X 60

22/01/2015

محسن اسلام حضرت ابوطالب عليه السلام تاريخ جي آئيني ۾

حصو ٽيون 
حضرت ابوطالب عليه السلام جو ايمان
پيغمبرِاسلام جي نصرت ۽ حمايت ۾حضرت ابوطالب عليه السلام جي ثابت قدمي، فداڪاري ۽ جان نثاري اسلامي تاريخ جي اهڙي حقيقت آهي جنهن کان اڄ تائين ڪنهن به انڪار ڪرڻ جي همت نه ڪئي آهي. ليڪن افسوس آهي جو ڪجهه ماڻهن هن مدد ۽ فداڪاري جي اصل روح کي لڪائڻ جي وس آهر پوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڳالھ تي زور ڏياريو ويو آهي ته هي مدد مذهبي ۽ اعتقاد جي جذبي جي بنياد تي نه هئي بلڪه هي قرابتداري ۽ عزيزائپ جي جذبات جي ڪري هئي ته پوءِ ڇو نه حضرت ابوطالب عليه السلام پاڪ پيغمبر جي پاسداري ۽ حمايت ڪن ها؟

هي ڳالھ ان حد تائين ٺيڪ آهي ته پاڪ پيغمبر حضرت ابوطالب عليه السلام جا قريبي رشتيدار ۽ سڳي ڀاءُ جي يادگارنشاني هئا ۽ هي به ثابت آهي ته عربن ۾ قرابتداري جو خاص لحاظ پڻ رکيو ويندو هيو ليڪن ڪيتري به عزيزائپ ۽ قرابتداري ئي ڇو نه هجي ڪو به شخص پنهنجي دين، ايمان ۽ مذهب جي مقابلي ۾ قرابتداري، عزيزائپ يا رشتيداري جو ايترو خيال نه ڪندو آهي ايتري قدر جو پنهنجي عقيدن جي مخالفت ۾ آواز اٿارڻ ۾ مددگار ۽ پنهنجي معبودن (جن جي عبادت ٿو ڪري) جي توهين جي سلسلي ۾ هٿ ونڊرائڻ وارو سمجھيو وڃي!
ليڪن حضرت ابوطالب عليه السلام جي ڪردار ۾ نظر ٿو اچي ته بتن کي برو ڀلو چوڻ تي پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي حوصله افزائي ڪن ٿا ۽ آفرين چون ٿا حضرت ابوطالب عليه السلام جي زندگي جي ان طرزِعمل کي ڪهڙي ريت به قرابتداري جو نتيجو قرار نه ٿو ڏئي سگھجي.
اگر تسليم به ڪيو وڃي ته پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم سان حضرت ابوطالب عليه السلام جي والهانه عقيدت ۽ محبت قرابتداري جي ڪري هئي ته سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته انسان پنهنجي اولاد سان وڌيڪ محبت رکي ٿو يا پنهنجي ڀائٽي سان؟ ظاهر آهي ته جيتري قدر محبت اولاد سان هوندي آهي ايتري قدر پنهنجي ڀاءُ جي اولاد سان نه هوندي آهي اگر هن مدد ڪرڻ ۾ خانداني قرابتداري جو پهلو هجي ها ته حضرت ابوطالب عليه السلام پنهنجي اولاد جون حياتيون خطري ۾ وجھي ڪري انهن کي پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي بستر تي سمهڻ جو حڪم نه ڏين ها!
اگرتاريخ جي ورقن کي پلٽايو وڃي ته ڪٿي به اهڙو مثال نه ٿو ملي سگھي ته ڪنهن به شخص هڪ اهڙي انسان خاطر جنهن جي نظريات کي باطل ۽ جنهن جي دعون کي غلط سمجھندو هجي فقط قرابتداري جي خاطر پنهنجي اولاد کي ان مٿان قربان ڪيو هجي!
ان مان صاف ظاهر آهي ته قرابتداري جو پهلو نه بلڪه هڪ مذهبي، ديني، ايماني ۽ روحاني رابطو هيو جيڪو حضرت ابوطالب عليه السلام کي پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي نصرت ۽ حمايت ڪرڻ تي اڀاري رهيو هئو. (تاريخ اسلام علامه فروغ ڪاظمي ص243(
ابولهب ۽ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي درميان ۾ به ته رشتو هيو هو به پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جو چاچو هئو پوءِ ڇو خانداني قرابتداري جي خاطر ان پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي نصرت ۽ حمايت نه ڪئي؟ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ آزر ۾ به ته رشتو هئو. اهو به حضرت ابراهيم عليه السلام جو چاچو هئو پوءِ ان ڇو حضرت ابراهيم عليه السلام جي نصرت نه ڪئي؟ بلڪه کيس ايذاء ۽ تڪليفون رسائيندو رهيو. هنن رشتن کان به وڌيڪ قريبي رشتو حضرت نوح عليه السلام ۽ ان جي فرزند جي درميان هئو پوءِ انهن جي درميان ڪنهن نفرت جو ٻج ڇٽيو؟
منهنجي خيال مطابق حضرت ابوطالب عليه السلام جي نصرت ۽ حمايت کي قرابتداري جو رخ ڏيڻ ان جي تمام خدمتن، محنتن ۽ ڪوششن تي پاڻي ڦيرڻ جي برابر آهي.
سندن هن طرزِعمل زندگي کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان بعد هر دشمني کان خالي ذهن انسان آساني سان فيصلو ڪري سگھي ٿو ته حضرت ابوطالب عليه السلام پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي صداقت ۽ رسالت تي دل سان ايمان آڻڻ وارا ۽ مڪي جي ڪافرن ۽ مشرڪن جي عقيدن ۽ عملن کان بيزار هئا.
هن سج وانگر روشن بيان مان ثابت ٿئي ٿوته حضرت ابوطالب عليه السلام جي مومن هجڻ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي ليڪن پوءِ به اسان ڪجھ دليلون پيش ڪري رهيا آهيون تاڪه حقيقت اڃا به واضح ٿي وڃي
 پهرين دليل {پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي عقد نڪاح ۾ حضرت ابوطالب عليه السلام جو خطبو{
}ربّنا واجعَلنا مسلمين لَکَ وَمِنۡ ذُرِّيَّتِنَا اُمَّةً مُسلِمَةً لَکَ وَ اٰرِنَا مَنَاسِکَنَا وَتُبۡ عَلَينَا اِنَّکَ اَنتَ التَّوَّابُ الرَّحِيمُ}(سوره بقره آيت 128) اي اسان جا پالڻهار تون اسان کي پنهنجو فرمانبردار بندو بڻاءِ ۽ اسان جي اولاد منجھان هڪ گروه پيدا ڪر جيڪو تنهنجوفرمانبردار هجي ۽ اسان کي اسان جي حج جي جاءِ ڏيکار ۽ اسان جي توبه قبول ڪر بيشڪ تون ئي وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو ۽ مهربان آهين.
هن آيت ڪريمه ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جي دعا نقل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪريم رب جي بارگاه ۾ (دعا جا هٿ بلند ڪري) سندن فرمانبردار هجڻ ۽ هڪ گروه جيڪو الله سائين جو فرمانبردار هجي جي پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪري رهيا آهن.
حضرت ابوطالب عليه السلام پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي نڪاح جو خطبو پڙهيو جنهن ۾ فرمائن ٿا: تمام تعريف ان الله سائين جي لاءِ آهي جنهن اسان کي ابراهيم عليه السلام جي ذريت، اسماعيل عليه السلام جي نسل، معد جي اولاد ۽ مضر جي صلب منجھان پيدا ڪيو، پنهنجي گھر جو نگھبان ۽ حرم جو پاسبان بڻايو ۽ هن کي اسان لاءِ حج جو مقام ۽ امن جي جاءِ قرار ڏنائين ۽ پڻ اسان کي ماڻهن جي مٿان حاڪم بڻايائين.
هي منهنجا ڀائٽيا محمد صلي الله عليه و آله وسلم بن عبدالله آهن جنهن سان به ان جو مقابلو ڪرايو وڃي ته شرف، عقل ۽ فضيلت ۾ ان جو مرتبو بلند رهندو. حالانڪه مال ۽ دولت هن وٽ گھٽ آهي ليڪن دولت ته هڪ گذرندڙ سايو ۽ واپس وڃڻ واري شيءَ آهي.
الله سائين جو قسم ان (محمد صلي الله عليه و آله وسلم) جو مستقبل عظمت سان ڀريل آهي ۽ هن منجھان هڪ عظيم خبر(دين اسلام) جو ظهور ٿيندو (سيرت حلبيه، ج1، ص139(
حضرت ابوطالب عليه السلام پنهنجي خطبي جو آغاز الله سائين جي حمد و ثنا سان ڪيو جنهن سان سندن موحد هجڻ ثابت ٿئي ٿو.
حمد و ثنا کان بعد ذريت ابراهيم عليه السلام ۽ نسل اسماعيل عليه السلام سان پنهنجي وابستگيءَ جو اظهار ڪيائين. قرآن مجيد جي حڪم مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام جي ذريت کي الله سائين جو فرمانبردار هجڻ گھرجي بس معلوم ٿيو ته پاڻ پڪا مومن هئا ڇو جو اهو ممڪن ئي نه آهي ته ڪافر الله سائين جو فرمانبردار هجي.
ٻئين دليل {حضرت ابوطالب عليه السلام جو اسلامي نظريو{
جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي عمر مبارڪ چاليھ سال ٿي ته خلقڻهار جنهن مقصد لاءِ کين خلق ڪيو هو ان جي پوري ڪرڻ لاءِ حڪم فرمايو. بعثت جي شروعاتي سالن ۾ تبليغ جو دائرو محدود رهيو ۽ اسلام جي دعوت گھڻي قدر پوشيده رهي. ڪجھ ماڻهن کان علاوه ٻين سان اسلام ظاهر ڪرڻ ۾ احتياط ڪيو ويندو هئو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم حضرت علي عليه السلام کي ساڻ ڪري جبلن جي غارن ۾ وڃي نماز پڙهندا هئا. هڪ ڏينهن حضرت ابوطالب عليه السلام ٻنهي ڀائرن کي نماز پڙهندي ڏسي ورتو پاڻ حضرت علي عليه السلام کي گھرائي سوال ڪيائون ته هي ڪهڙو دين آهي جيڪو توهان اختيار ڪيو آهي حضرت علي عليه السلام فرمايو: مان الله  ۽ ان جي رسول محمد صلي الله عليه و آله وسلم بن عبدالله جي دين تي آهيان اهو ٻڌي ڪري حضرت ابوطالب عليه السلام فرمايو: توهان ان سان گڏ رهجو اهو توهان کي نيڪي ۽ هدايت جو رستو ٻڌائيندو(طبري، ج2، ص58)
 هن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت ابوطالب عليه السلام مومن هئا. اگر ڪفر پسند ۽ اسلام جا دشمن هجن ها ته پاڻ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم کي ضرور روڪن ها ۽ چون ها ته توهان منهنجي اجازت کان بغير منهنجي اولاد کي نئين مذهب ڏانهن ڇو راغب ڪيو؟
ٽئين دليل {حضرت ابوطالب عليه السلام جا اشعار{
سندن اهي ڳڻپ کان به وڌيڪ شعر جيڪي مختلف جاين تي ارشاد فرمايا اٿن تن مان ايمان جو پهلو، صداقت جو اعتراف، اسلام ۽ اسلام جي باني سان نه ختم ٿيڻ واري محبت صاف نظر اچي رهي آهي. ڪجھ شعر پيشِ خدمت آهن.
 (1)  هڪ شعر ۾ پاڻ فرمائن ٿا: توهان (محمد صلي الله عليه و آله وسلم) ئي الله  جا رسول آهيو جنهن جو اسان کي علم آهي ۽ توهان تي ئي ربّ العزت جي طرفان قرآن مجيد نازل ٿيو آهي (مناقب شهر آشوب، ج1، ص39)
(2)  هڪ شعر ۾ فرمائن ٿا: مون کي يقين آهي ته حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جو دين، دنيا جي تمام دينن کان بهتر آهي (تاريخ ابن ڪثير ج3 ص42)
(3) هڪ شعر ۾ فرمائن ٿا: پروردگارِعالَم پنهنجي مدد سان ان جي نگھباني ڪري ۽ ان دين کي جيڪو پوري جو پورو حق آهي (پوري دنيا تي) غلبو ڏئي (سيرت ابن هشام ج1 ص292)
رسالت سان مضبوط ڳانڌاپو ثابت ڪرڻ لاءِ سندن شعر ايترا ته گھڻا آهن جومشهور عالم دين ابن شهر آشوب مازندراني پنهنجي ڪتاب متشابهات القرآن ۾ سوره حج جي هن آيت وَلَيَنصُرَنَّهُ اللهُ مَن يَّنصُرُهُ
جي تشريح ۾ لکن ٿا: حضرت ابوطالب عليه السلام  جا اهي شعر جيڪي سندس ايمان ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي رسالت جي تصديق تي چٽو دليل آهن ٽن هزارن کان به وڌيڪ آهن (تاريخ اسلام علامه فروغ ڪاظمي ص246)
جڏهن سندن شعرن مان ان جو ايمان واضح آهي ته پوءِ ڇا سبب آهي جو سندن ثابت ٿيل ايمان کان انڪار ڪيو ٿو وڃي؟
چوٿين دليل: جناب فاطمه بنتِ اسد جو حضرت ابوطالب عليه السلام جي نڪاح ۾ باقي رهڻ
امام زين العابدين عليه السلام کان حضرت ابوطالب عليه السلام جي ايمان بابت سوال ڪيو ويو ته امام عليه السلام فرمايو: تعجب آهي ته خدا تعاليٰ پنهنجي رسول صلي الله عليه و آله وسلم کي حڪم ڏنو ته ڪنهن به مسلمان عورت کي ڪافر جي نڪاح ۾ رهڻ نه ڏئي ۽ فاطمه بنتِ اسد جيڪا اسلام ۾ سبقت ڪرڻ واري خواتين منجھان آهي اها (مرندي گھڙي تائين) حضرت ابوطالب عليه السلام جي زوجيت ۾ رهي(شرح ابن ابي الحديد ج3 ص312)
امام عليه السلام سوال ڪرڻ وارن تي تعجب ٿا ڪن ته جناب فاطمه بنتِ اسد بعثت جي شروع ۾ ئي اسلام قبول ڪري ورتو هو ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به موت جي فرشتي اچڻ تائين حضرت ابوطالب عليه السلام جي نڪاح ۾ رهي اگر هنن ٻنهي ۾ مذهبي اختلاف هجي ها ته بانيِ اسلام رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم قرآن مجيد جي حڪم موجب انهن جي زوجيت واري تعلق کي ختم ڪرائن ها(شرح ابن ابي الحديد ج3 ص312).
هن مان صاف ظاهر آهي ته حضرت ابوطالب عليه السلام مومن هئا.
پنجين دليل {حضرت ابوطالب عليه السلام جي وصيت)
جڏهن هن دنيا فاني کان لاڏاڻو ڪرڻ جو وقت قريب آيو ته پاڻ سڀني رشتيدارن کي گھرايائون ۽ فرمايائون مان توهان کي ”محمّد صلي الله عليه و آله وسلم سان ڀلائي ڪرڻ جي وصيت ٿوڪريان هيءَ قريش ۾ امين ۽ عرب ۾ صادق آهن ۽ هن ۾ اهي تمام خوبيون موجود آهن جن جي مان توهان کي وصيت ڪئي آهي  پاڻ (حضورصلي الله عليه و آله وسلم)  اهڙي شي کڻي آيا آهن جنهن جو دل اعتراف ڪري رهي آهي ۽ زبانون دشمني جي خوف ڪارڻ چپ آهن.
خدا تعاليٰ جو قسم ڄڻ ته هي منظر مان پنهنجن اکين سان ڏسي رهيو آهيان ته عرب جا فقير ۽ چئن ئي طرفن کان اوسي پاسي جا رهاڪو ماڻهو ان(محمّد صلي الله عليه و آله وسلم) جي سڏ تي لبيڪ چئي رهيا آهن ته پاڻ (محمّد صلي الله عليه و آله وسلم) انهن کي ساڻ کڻي سختين جي پرواه نه ڪندي انهن سان گڏ(پروردگار جي بارگاه ۾)حاضرٿي رهيا آهن ۽ عرب جا وڏا ۽ سردار ذليل ٿي رهيا آهن انهن(عربن)جا گھر ڊهي رهيا آهن ۽ ڪمزور ۽ ناتوان ماڻهو اقتدار جي ڪرسيءَ تي اچي ويا آهن.
اي قريش جا سردارو! توهان به محمد صلي الله عليه و آله وسلم جا دوست ۽ ان جي جماعت جا مددگار ۽ ساٿي بڻجي وڃو، پالڻهار جو قسم! جيڪو به هن جي ڏسيل واٽ تي هلندو خوش بخت هوندو اگر مون کي اڃا زندگي ملي ها ۽ منهنجي موت ۾ دير هجي ها ته مان انجي مدد ڪرڻ کان هرگز پوئتي نه هٽان ها. ان جي دشمنن جي حملن کي ڪمزور ڪيان ها ۽ مصيبتن ۽ سختين کان ان کي بچايان ها(ثمرہ الاوراق ج 2 ص13)
هن عمومي وصيت ڪرڻ کان پوءِ عبدالمطلب جي اولاد کي خطاب ڪندي فرمايائون جيسيتائين محمّد صلي الله عليه و آله وسلم جي ڳالهين تي عمل ۽ ان جي احڪام جي پيروي ڪندا رهندؤ ته خوش بختي توهان کي نصيب ٿيندي رهندي ان جي پيروي ڪريو ان سان هٿ ونڊرايو ۽ هدايت وارا ٿي وڃو(طبقات ابن سعد ج1 ص123).
زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جي صداقت جي گواهي ڏيڻ ۽ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي پيروي کي نعمت سمجھڻ، رسالت ۽ نبوت جي تصديق نه آهي ته باقي ڇا آهي؟ڇا هي وصيت ان جي مومن هجڻ لاءِ ڪافي نه آهي؟
وفات
محسنِ اسلام پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي سڀ کان وڌيڪ مددگار ۽ حفاظت ڪندڙ حضرت ابوطالب عليه السلام 86 سالن جي ڄمار  ۾داعي اجل کي لبيڪ ڪيو.
غسل ،ڪفن
حضرت علي عليه السلام حضوراڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي حڪم موجب پنهنجي والد بزرگوار کي غسل ۽ ڪفن ڏنو جڏهن غسل ۽ ڪفن مڪمل ٿي ويا حضوراڪرم صلي الله عليه و آله وسلم تشريف کڻي آيا ۽ پنهنجي محسن چاچا کي ڪفن ۾ ڏسي ڪري زار و قطار روئيندا رهيا ۽ فرمايائون ته اي چاچا جان توهان ننڍپڻ ۾ مون کي نپايو ۽ يتيمي جي حالت ۾ منهنجي سرپرستي ڪئي ۽ وڏي ٿيڻ تي توهان منهنجي مدد ۽ حمايت ڪئي خداوندِ عالم منهنجي طرفان توهان کي جزاءِ خيرعطا فرمائي. (تاريخ يعقوبي ج2 ص26)


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo