Ad 468 X 60

19/01/2015

محسن اسلام حضرت ابو طالب عليه السلام تاريخ جي آئيني ۾

حصو پهريون
ولادت
عام الفيل (هاٿين واري سال) کان پنجٽيهه(35) سال پهريان محسن اسلام رئيس البطحاء مڪي جي سرزمين ۾ اک کولي.
تاريخ لکڻ وارن سندن اصلي نالي بابت اختلاف ڪيو آهي ڪجهه جو چوڻ آهي ته سندن اسم گرامي پنهنجي وڏي ڏاڏي جي نالي مطابق عبدالمناف هو، ڪجهه سندن نالو عمران ۽ ڪجهه وري شيبه بيان ڪيو آهي ليڪن وڌيڪ مشهور عمران آهي.

ڪنيت
سندن ڪنيت ابو طالب آهي جيڪا سندن وڏي پٽ طالب جي نالي سان منسوب آهي ۽ انهي ڪنيت سان پوري انسانيت کين ياد ڪندي آهي.
القاب
حضرت ابوطالب عليه السلام جي لقبن مان شيخ البطحا، سيد البطحا ۽ رئيس البطحا سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن.
پرورش
حضرت ابو طالب عليه السلام جي 43 سال عمر مبارڪ پنهنجي والد بزرگوار جناب عبدالمطلب جهڙي عظيم هستيءَ جي سائي هيٺ گذري ۽ پاڻ انهن جي نگراني هيٺ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندا رهيا.
زندگي
حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي دور ۾ هڪ بلند پايه اديب، بهترين انداز ۾ گفتگو ڪندڙ، عظيم فڪر ۽ سوچ رکندڙ وڏا دانشور ۽ بهترين قائد سمجهيا ويندا هئا. اعتدال پسند، انصاف پسند، حلم ۽ بردباري جي زيور سان آراسته هئا.
 عرب جا نالي وارا حڪيم ۽ اديب سندن علم مان فيض حاصل ڪندا هئا ۽ اخلاقِ فاضله جا سبق پڻ کانئن پرائيندا هئا.
احنف بن قيس جيڪو عربن ۾ حلم ۽ بردباري جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور هئو، کانئن پڇيو ويو ته هي حلم ۽ بردباري توهان ڪنهن کان سکي؟ ان چيو قيس بن عاصم منقري وٽان ۽ قيس بن عاصم کان پڇيو ويو ته توهان حلم ۽ بردباري جو سبق ڪنهن وٽان پرايو؟ اُن چيو حڪيم عرب اڪثم بن صيفي وٽان ۽ اڪثم بن صيفي کان پڇيو ويو توهان حڪمت، رياست، سرداري، سربراهي، حلم ۽ بردباري جا اصول ڪنهن وٽان سکيا؟ ان چيو عربن جي سردار علم ۽ ادب جي مالڪ، حضرت ابو طالب عليه السلام وٽان سکيا اٿم (هدية الاحباب، ص 252)
جناب عبدالمطلب جڏهن هن دنيا فاني کان بارگاه ايزدي جي طرف سفر اختيار ڪيو اُن وقت حضرت ابو طالب عليه السلام جي عمر 43 سال هئي ۽ هي اهو ئي وقت هو جڏهن ڪعبة الله شريف جي سار سنڀال ، مڪي جي سڃاڻپ، قريش خاندان جي سرداري ۽ پيغمبرِ اسلام صلي الله عليه و آله وسلم جي تربيت، بغير واسطي جي حضرت ابو طالب عليه السلام ڏانهن منتقل ٿي.
علامه ديار بڪري لکن ٿا ته جناب هاشم کان بعد حاجين جي کاڌي پيتي جو شرف جناب عبدالمطلب کي حاصل ٿيو ۽ عبدالمطلب جي وفات کان پوءِ ظهور اسلام تائين هن عظيم خدمت کي حضرت ابوطالب عليه السلام انجام ڏيندا رهيا. (تاريخ خميس، ج 1، ص 157)
هن دنيا ۾ پنهنجي مقاصد ۽ عهدن حاصل ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو مال ۽ دولت آهي ليڪن حضرت ابو طالب عليه السلام کي اڳواڻي، سرداري، بلند عهدو ۽ مرتبو دولت جي ڪارڻ نه مليو بلڪه فرض شناسي ۽ الڳ ڪردار جي مالڪ هجڻ کين عزت، عظمت ۽ سرداري جي منصب تائين پهچايو.
ذوقِ سخن:
حضرت ابو طالب عليه السلام پنهنجي دور ۾ فقط هڪ مدبر، مفڪر ۽ اخلاق جي تعليم ڏيندڙ نه هئا بلڪه هڪ بلند پايه شاعر ۽ سخن دان به هئا، شاعري جي هڪ ڪتاب ( ديوانِ شيخ الاباطح) کان علاوه سندن جا ٻيا قيمتي اشعار هڪ عظيم ذخيرو آهن ۽ اهو ذخيرو تاريخ ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ پکڙيل آهي.

حضرت جي اشعار ۾ نه خود پسندي جو جذبو هو ۽ نه بازارپڻي جو شائبو، بلڪه رواني، سادگي، نظم ۽ ضبط سان گڏو گڏ  اُن ۾ اخلاقي تعليمات، حق پرستي ۽ حق نوازي جو سبق هوندو هئو. اِهو ئي سبب آهي جو اسان جو پهريون امام حضرت علي عليه السلام ، حضرت ابوطالب عليه السلام جي شعرن کي علمي ۽ اخلاقي سرمايو سمجهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته منهنجي والد بزرگوار جي شعرن کي پڙهو ۽ پنهنجي اولاد کي به پڙهايو ان لاءِ جو حضرت ابو طالب عليه السلام دينِ حق تي هئا ۽ انجي ڪلام ۾ علم ۽ ادب جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي ( بحارالانوار ج9 ص 24)

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: