Ad 468 X 60

17/01/2015

حضرت امام حسن عليه السلام جن جا فرمان


حضرت امام حسن عليه السلام جن فرمائن ٿا:
(1)  جيڪو شخص سلام ڪرڻ کان پهريان گفتگو شروع ڪري انهيءَ کي جواب نه ڏيو (جلوه نور)
(2)  ماڻهن سان اهڙي ريت پيش اچو جهڙي ريت چاهيو ٿا ته ماڻهون اوهان سان پيش اچن (جلوه نور)
(3)  نيڪيءَ جي شروعات ڪرڻ ۽ سوال ڪرڻ کان پهريان عطا ڪرڻ تمام وڏي بزرگي آهي (جلوه نور)
(4)  علم حاصل ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان ان کي ياد نه ٿا ڪري سگھو ته ان کي لکيءَ ڪري پنهنجي گھرن ۾ رکو(جلوه نور)
(5)  جهالت جهڙي ڪا غربت نه آهي (جلوه نور)
(6)  عقل جي سڃاڻپ ڪاوڙ مهل ٿيندي آهي (جلوه نور)
7) ) مسجد ۾ اچڻ وارا پالڻهار جي زيارت ڪرڻ وارا آهن انهيءَ جي لاءِ پالڻهار تي حق آهي ته هو پنهنجي زيارت ڪرڻ وارن کي تحفو عطا ڪري (جلوه نور)
(8)  پنهنجو علم ٻين کي سيکاريو ۽ ٻين جو علم حاصل ڪريو (جلوه نور)
(9)  نعمت جو شڪر ادا نه ڪرڻ پستي آهي(جلوه نور)

(10)  مومن دنيا مان فائدو حاصل ڪندو آهي (يعني آخرت جي لاءِ ڪاميابيءَ جو سامان حاصل ڪندو آهي) ۽ ڪافر دنيا مان فقط لذت حاصل ڪندو آهي (جلوه نور)

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا:

© 2013 Designed & Translatedby Rasheed Samo