Ad 468 X 60

02/07/2014

حضرت امام علي عليه السلام جن جا فرمان



امير المومنين حضرت علي عليه السلام جن فرمائن ٿا:

(1) خواهشون بادشاهن کي غلام بنائي ڇڏينديون آهن ليڪن صبر غلامن کي بادشاه بنائي چڏيندو آهي.

(2) صبر ڪرڻ وارو ڪاميابي کان محروم نه ٿو ٿي سگھي چاهي ڪيترو ئي زمانو لڳي وڃي. نهج البلاغه

( يعني ٿي ئي نه ٿو سگھي جو صبر ڪرڻ وارو انسان ڪاميابي کان محروم رهي صابر انسان هميشه ڪامياب هوندو آهي انجي ڪاميابي هميشه رهڻ واري آهي ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. ) 

(3) جڏهن الله سائين ڪنهن شخص کي ذليل ڪندو آهي ته علم جا دروازا  ان تي بند ڪري ڇڏيندو آهي. (تجليات حڪمت)

(4) انساني بدن ۾ اک کان وڌيڪ ڪوئي نا شڪر عضوو نه آهي تنهن ڪري اک جي سڀني چاهتن کي پورو نه ڪريو ورنه توهان کي الله سائين جي ياد کان غافل بنائي ڇڏيندي ( نهج البلاغه)

(5) بدترين عمل اهو آهي جيڪو گمراهي جو سبب ٿئي ۽ بهترين عمل اهو آهي جيڪو نيڪ عملن جو سبب ٿئي ( نهج البلاغه)


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati

0 تبصرا: